Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
تون، هي ٻئي(يعني حسن ۽ حسين) ۽ هي ستل(يعني حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْهُمۡ) قيامت جي ڏينهن هڪ ئي هنڌ هونداسين.[1]
ہر صحابئ نبی! جنّتی جنّتی سب صحابیات بھی! جنّتی جنّتی
چار یارانِ نبی! جنّتی جنّتی حضرتِ صدّیق بھی! جنّتی جنّتی
اور عُمرِ فاروق بھی! جنّتی جنّتی عُثمانِ غنی! جنّتی جنّتی
فاطمہ اور علی! جنّتی جنّتی حسن اور حسین بھی! جنّتی جنّتی
والِدَین نبی! جنّتی جنّتی ہر زوجۂ نبی! جنّتی جنّتی
اور ابو سُفیان بھی! جنّتی جنّتی ہیں معاویہ بھی! جنّتی جنّتی([2])
حسن ۽ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا جي لاءِ روشني ٿي وئي
صحابيِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ الله عَـنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڀيري رات جو وقت (Night Time) هيو، سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ عشاء جي نماز پڙهائي رهيا هئا، ننڍڙا شهزادا امام حسن ۽ حسين رَضِىَ الله عَـنْهُما به اتي موجود هيا، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سجدي ۾ ويندا هئا ته ٻئي شهزاده سندن پٺي تي ويهي رهندا هئا، جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سجدي مان مٿو کڻندا هئا ته کين نرمي سان پڪڙي زمين تي ڇڏي ڏيندا ها، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيهر سجدي ۾ ويندا هئا ته ٻئي شهزاده وري پٺي تي سوار ٿي ويندا هئا، جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز مڪمل ڪري ورتي ته ٻنهي شهزادن کي جهولي ۾ ويهاريو، حضرت ابوهريره رَضِىَ الله عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان اڳتي وڌي ڪري عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! شهزادن کي گهر ڇڏي اچان؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اجازت عطا فرمائي. هڪ روايت ۾ آهي: گهٽي ۾ انڌيرو هيو ته ٻنهي شهزادن کي گهر وڃڻ ۾ ڊپ محسوس ٿيو، جيئن ته انهن شهزادن جي خاطر