Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
وضاحت: اي رضا! ان عزت واري، ڪرم واري باغ (يعني خاندانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي ڇا ڳالھ آهي جو جنهن جي پنکڙي حضرتِ فاطِمة الزَّهراء رَضِىَ اللهُ عَنۡها ۽ جنهن جا گل حضرت امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا آهن.
اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ٻي هنڌ بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا:
اُن دو کا صدقہ جن کو کہا میرے پھول ہیں کیجئے رضاؔ کو حشر میں خَنداں مثالِ گُل([1])
وضاحت: اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عرض ڪن ٿا: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان فرمايو: حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا ٻئي منهنجا گل آهن۔ هنن ٻنهي جنتي گلن جو صَدقو! احمد رضا کي سڀاڻي قِيامت جي ڏينهن گل جيان ٽڙندو کلندو رکجان۔
پنجتن پاڪ به....!! جنتي! جنتي!
روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيرو الله پاڪ جا آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پياري شهزادي فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ عَنۡها وٽ تشريف کڻي ويا، ان وقت حضرت علي المرتضيٰ، شيرخدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ستل هئا، امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کير گهريو، پياري آقا، رسول خدا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٿيا ۽ پنهنجي رحمت وارن هٿن سان ٻڪري جو کير ڏڌو، اڃا امام حسن رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي ڏنو ئي نه هيو ته امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ به کير گهريو، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پٽ! پهريان تنهنجي ڀاءَ کير گهريو آهي، اسان پهريان ان کي پياريون پوءِ توکي پيارينداسي. هي ڏسي ڪري سيّده فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ عَنۡها عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! لڳي ٿو ته اوهان حسن کان وڌيڪ پيار ڪيو ٿا..!! فرمايائون: مان انهن ٻنهي کان پيار ڪيان ٿو. بيشڪ مان،