Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حضرت يعليٰ بن مُرَّه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ڪنهن جڳھ دعوت هئي جيئن ته رسول رحمت، شفيع امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي ساڻ وٺي دعوت جي لاءِ روانا ٿيا، رستي ۾ هڪ مقام تي ڏٺو ته سندن ڏوهٽو امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه (جيڪو اڃا ننڍي عمر جو هيو ۽ هو) ٻارن سان کيڏي رهيو آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تيزي سان ان جي طرف وڌيا ۽ (جيئن پيءُ پنهنجي پٽ جي لاءِ ٻئي هٿ ٻانهون پکيڙيندو آهي ته ٻار اچي سيني سان لڳي، ايئن ئي) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به ٻنهي هٿن کي کولي ڇڏيو.

هاڻي هتي ناني (Grandfather) ۽ ڏوهٽي (Grandson) جو پيار ڀريو انداز ڏسو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهِن پيا ته امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔