Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

وئي، ايئن ئي حُسين منهنجا سِبۡط آهن ڇوته انهن مان منهنجي نسل وڌندي ۽ اولھ ۽ اوڀر ۾ ڦهلجي ويندي. [1]

هتي وڏو ايمان افروز نڪتو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي شان ۾ ارشاد فرمايو:

اِنَّاۤ  اَعۡطَیۡنٰکَ  الۡکَوۡثَرَ ؕ(۱)  (پارہ:30 ،الکوثر:1)

ترجموڪنزالعرفان: اي محبوب! بيشڪ اسان توکي بيشمار خوبيون عطا فرمايون.

هن آيت ۾ ڪوثر جي هڪ معنيٰ آهي: اولاد جي ڪثرت. [2] هي رسول اڪرم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان آهي جو سندن صاحبزادا جواني تائين زندھ نه رهي سگهيا، سڀئي صاحبزادا ننڍپڻ ئي ۾ وفات ڪري ويا، ان جي باوجود الله پاڪ سندن اولاد کي باقي رکيو، ڏسو! اڄ به لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ سادات سڳورا دنيا ۾ موجود آهن، هي آهي، اولاد جي ڪثرت. ڄڻ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا آهن ته الله پاڪ مون کي اها شان بخشي ته منهنجي اولاد تمام گهڻي ٿيندي، قيامت تائين رهندي پر منهنجي هن شان جو ظهور حسين جي ذريعي ٿيندو ڇوته حُسَیْنُ سِبْط مِنَ الْاَسْبَاط حسين مضبوط پاڙ وارو وڻ آهي، هي پاڻ جيتوڻيڪ شهيد ٿي ويندا پر سندن ذريعي سان منهنجي اولاد قيامت تائين باقي رهندي.

حُسَينُ مِنِّي جي معنيٰ

پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حُسَیْنُ مِنِّی  وَ اَنَا مِنْ حُسَیْن يعني حُسَين مون مان آهي ۽ مان حُسين مان آهيان.


 

 



[1] مرآۃ المناجیح ،جلد:8 ،صفحہ:479 بتغیر قلیل۔

[2] تفسیر نور العرفان،پارہ:30 ،الکوثر،زیرِ آیت:1 ،صفحہ:906 بتغیر قلیل۔