Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

انهيءَ وقت آسمان تي بجلي چمڪي ۽ گهٽي روشن ٿي وئي، جيستائين شهزادا پنهنجي گهر نه پهتا ان وقت تائين روشني موجود ئي رهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام، حضرت امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ نهايت ئي اعلي اخلاق ۽ ڪردار جا مالڪ هئا، اچو! سندن سيرت پاڪ جا ڪجھ نمايان پهلو ٻڌون ٿا.

امام حسين جون عبادتون

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه تمام گهڻا عبادت گذار ۽ پرهيزگار هئا. * علامه ابنِ اثير جزري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه لکن ٿا: كَانَ الْحُسَينُرَضِىَ اللهُ عَنْهُ فَاضِلاً كَثِيرَ الصَّوْمِ وَالصَّلٰوةِ وَالْحَجِّ وَالصَّدَقَةِ وَاَفْعَالِ الْخَيرِ جَمِيعِهَا يعني حضرت  امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ڪثرت سان نماز پڙھندا هئا، روزا رکندا هئا، حج ڪندا هئا، صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا ۽ تمام ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندا هئا۔[2]

 * امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزاده حضرتِ امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: منهنجا والدِگرامي حضرت امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏينهن رات ۾ هزار(1000)رڪعت نفل ادا ڪندا هئا۔[3]

 * امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي متعلق هي به منقو آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  مديني پاڪ کان پيادل (25) حج ڪيا۔[4]

امام حسين جون  4 پسنديده عبادتون

عاشُورا جي رات جڏهن حضرت امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ميدانِ ڪربلا ۾ هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاءَ حضرت عباس علمبردار رَضِىَ اللهُ عَنْه  کي فرمايو: ڪيئن به


 

 



[1] تاریخ مدینہ دمشق ،جلد:14 ،صفحہ:158 - 159 ۔

[2] اسد الغابة، رقم:۱۱۷۳،الحسين بن علي، ۲/۲۸

[3] عقد الفريد، باب من كلام الزهاد و أخبار العباد،۳/۱۱۴مختصرا

[4] تاریخ مدینہ دمشق ،جلد:14 ،صفحہ:180۔