Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

هيٺ هوندي آهي؟ افسوس! افسوس! اڄڪلھ فيشن پرستي جو دور آهي، هلڻ، ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ وغيره ۾ سنتن جو لحاظ رکڻ ته پري جي ڳالھ ڪيئي ماڻهن کي انهن سنتن جو علم تائين ناهي هوندو. ڪاش! امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي صدقي اسان کي سنتن جي محبت نصيب ٿي وڃي. حديث پاڪ ۾ آهي: مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                                  جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

اِسۡبَال ڇاکي چئبو آهي

خيال رهي! شلوار، پاجامو يا پينٽ وغيره ڀيڏين کان هيٺ رکڻ کي اسبال چوندا آهن.[2] ۽ هي مڪروھ تنزيهي (يعني شريعت ۾ ناپسنديده) آهي. ها! خودپسندي(Self-Centeredness) ۽ تڪبر(Arrogance) جي نيت سان هجي ته گناھ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.[3]

امام عالي مقام جي غريبن سان محبت

امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ جو هڪ نهايت پيارو وصف آهي ته غريبن، مسڪينن، يتيمن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا. هڪ ڀيرو پاڻ فرمايائون: اسان اهل بلا آهيون (يعني دنيا ۾ اسان جي لاءِ تمام گهڻيون آزمائشون آهن) اسان دنياوي عيش و عشرت کي ڇڏي ڏنو


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵

[2] بہار شریعت ،جلد :1،صفحہ:632 حصہ :3مفصلاً ۔

[3] فتاویٰ رضویہ ، جلد :7،صفحہ:388ملخصاً ۔