Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
ڊوڙي اچي سيني سان لڳي پر امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه هيڏانهن هونڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو(ڄڻ ننڍڙو شهزادو چاهي پيو ته نانا سائين مون کي پڪڙين جيئن ٻار ڪڏهن ڪڏهن کيڏڻ جي لاءِ ڊوڙندو آهي ته والد آهسته آهسته پٺيان ڀڄندو آهي ۽ ٻار کِلندو آهي، ايئن ئي) رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي کلائيندا رهيا، آخر کيس پڪڙي ورتو.
صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي مبارڪ نگاهن کي لکين سلام هجن....!! هي عظيم قسمت وارا انسان ڪيتري تفصيل سان محبوب نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن کي نوٽ ڪندا هئا، جيئن ته روايت جا الفاظ آهن، رسول اڪرم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پڪڙيو، پنهنجو هڪ هٿ مبارڪ سندن ڪياڙي جي هيـٺان رکيو ۽ ٻيو هٿ مبارڪ ڪنڌ تي رکيو ۽ پيار سان سندن چهرو چميو، پوءِ فرمايائون، حُسَیْنُ مِنِّی وَ اَنَا مِنْ حُسَیْن حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان اَحَبَّ اللہ مَنْ اَحَبَّ حُسَیْنًا جيڪو حسين سان محبت ڪري، الله پاڪ ان سان محبت ڪندو آهي حُسَیْنُ سِبْط مِنَ الْاَسْبَاطِ حسين اسباط مان هڪ سِبۡط آهي.[1]
سِبۡط جي معنيٰ ۽ شانِ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه
سِبط جي معنيٰ آهي: اهو وڻ (Tree)جنهن جي پاڙ هڪ ۽ ٽاريون گهڻيون هجن. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حُسَين سِبط آهن. مطلب هي آهي ته جيئن حضرت يعقوب جي 12 پٽن مان سندن نسل هلي ۽ وڌندي