Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو! انْ شآءَ اللهُ الْکَرِيم! دِين و دُنيا جون کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع به آهي۔ اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ مدني انقلاب

پاڪستان جي صوبي سنڌ شهر ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زِندگي گذاري رهيو هئس، دُنيوي لذّتن ۾ مَصرُوف رهڻ منهنجو معمول هو، بُرن دوستن جي صحبت مون کي اڃا وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان گڏجي سڄي رات گُنَاهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مَغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اَثَر هو جو مان ان سان گڏ مسجد ڏانهن ويس، مغرب نماز پڙهي، نماز کان بعد هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سُنَّت مان دَرس ڏنو، دَرس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جي تياري شروع ڪئي۔ هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي به هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، ان جو انداز ايترو پيارو هو جو مان يڪدم هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي پيس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان گڏجي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهيس، پوءِ رِقَّت انگيز دُعا ٿي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جو مون تي ايترو اَثَر ٿيو جو مون دُعا جي دوران رَوئي رَوئي پنهنجي گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ آئينده زِندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيت ڪئي، مون تي ڪيف و سُرور طاري هو،