Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

جڏهن ڪنهن سان تمام گهڻي محبت هجي ته عربي ۾ اهڙي طرح جو جملو ڳالهائبو آهي، جيئن فارسي جو هڪ شعر آهي:

مَنْ تُو شُدَمْ تُوْ مَنْ شُدِیْ، مَنْ تَنْ شُدَمْ، تُوْ جَاں شُدِیْ

تَاکَس نَہ گَوْیَدْ بَعْد اَزِیْں مَنْ دِیْگَرَمْ تُوْ دِیْگَرِیْ

  يعني مان تون بڻجي ويو آهيان ۽ تون مان بڻجي ويو آهين، مان جسم آهيان ۽ تون جان آهين بس ان کان بعد ڪوبه نٿو چئي سگهي ته مان ڪو ٻيو آهيان ۽ تون ڪو ٻيو آهين.

 فرمانِ عاليشان جو مطلب هي آهي ته حُسين ۽ مان 2 جسم هڪ جان آهيون، منهنجي محبت حسين جي محبت آهي، حسين جي محبت منهنجي محبت آهي، ايئن ئي جيڪو حُسين سان وِڙهي اهو هي نه سمجهي ته مان حسين سان وڙهي رهيو آهيان بلڪ اهو مون سان وڙهي رهيو آهي. ياد رهي! آينده امام حسين سان(ميدانِ ڪربلا ۾) جيڪي واقعا پيش اچڻ وارا هيا، سي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي نبوت جي نور سان ڏسي ورتو هيو، انهيءَ ڪري امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان ايتري گهري محبت جو اظهار ڪيائون.[1]  

امام حسين سان محبت جي فضيلت

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي به فرمايو ته اَحَبَّ اللہ مَنْ اَحَبَّ حُسَیْنًا جيڪو حسين سان محبت ڪندو آهي الله پاڪ ان سان محبت ڪندو آهي.[2]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور فرمايو! امام عالي مقام، امام حسين


 

 



[1].مرآۃ المناجیح،جلد:8 ،صفحہ:479خلاصۃً۔

[2] ترمذی،ابواب المناقب …الخ،باب مناقب ابی محمد الحسن …الخ،صفحہ:857 ،حدیث:3782ملتقطًا۔