Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
لڳايو ته الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم فرمايو:
وَ اصۡبِرۡ نَفۡسَکَ مَعَ الَّذِیۡنَ یَدۡعُوۡنَ رَبَّہُمۡ بِالۡغَدٰوۃِ وَ الۡعَشِیِّ یُرِیۡدُوۡنَ وَجۡہَہٗ (پارہ:15،الکہف:28)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن ماڻهن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي ربّ کي سڏيندا آهن ان جي رضا گهرندا آهن.
هي آيتِ ڪريمه انهن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي حق ۾ نازل ٿي جيڪي پهريان غلامي جي زندگي گذاري چڪا هئا، هي فقراء هئا، الله پاڪ انهن جي متعلق پنهنجي محبوب کي حڪم ڏنو ته اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! پنهنجو پاڻ کي انهن فقير صحابه سان مانوس رک! حضرت خبّاب رَضِىَ الله عَـنْهُ فرمائن ٿا: هي آيت ڪريمه نازل ٿيڻ کان بعد حالت هي ٿي وئي جو پيارا نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سان گڏ تشريف فرما رهندا هئا، اسان پاڻ اجازت وٺندا هئاسين، نه ته حضور اسان کي اتي ڇڏي ڪڏهن نه اٿندا هئا.[1]
بےدام ہی بِک جائیے بازارِ نبی میں اس شان کے سودے میں خسارے نہیں ہوتے
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اسان غريبن مسڪينن سان محبت ڪيون، دل ۾ انهن جي الفت وڌايون، انهن سان عزت سان پيش اچون ۽ جيستائين ٿي سگهي انهن جو سهارو بڻجڻ جي ڪوشش ڪيون. الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
الله پاڪ جو پيارو بڻائڻ وارو عمل
حسني، حسيني سيّد، حضور غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه