Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْههُمعاف ڪرڻ وارا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام. امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ پياري پياري عادت هي به آهي ته جيڪو کين تڪليف پهچائيندو هيو، پاڻ ان کي معاف ڪري ڇڏيندا هئا، هڪ ڀيرو عِصَام بن مُصۡطلق نامي شخص جيڪوحضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کان بغض رکندو هيو، هڪ ڀيري حضرت امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي سامهون سندس والد محترم حضرت مولاءِ ڪائنات علي المرتضٰي رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کي برو ڀلو چوڻ لڳو. حضرت امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ ان کي جهڙڪڻ يا جوابي وار ڪرڻ بدران اَعُوْذُ بِاللہ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ  ۽ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم  پڙهڻ کان پوءِ هي آيتون تلاوت فرمايون.

خُذِ الۡعَفۡوَ وَ اۡمُرۡ بِالۡعُرۡفِ وَ اَعۡرِضۡ عَنِ  الۡجٰہِلِیۡنَ (۱۹۹) وَ اِمَّا یَنۡزَغَنَّکَ مِنَ الشَّیۡطٰنِ نَزۡغٌ فَاسۡتَعِذۡ  بِاللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ  سَمِیۡعٌ  عَلِیۡمٌ (۲۰۰) اِنَّ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا اِذَا مَسَّہُمۡ طٰٓئِفٌ مِّنَ الشَّیۡطٰنِ تَذَکَّرُوۡا فَاِذَا ہُمۡ مُّبۡصِرُوۡنَ (۲۰۱ 

(پارہ:9 ، الاعراف : 199 -201 )

ترجموڪنزالايمان: اي محبوب معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ ڀلائي جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ. ۽ اي ٻڌندڙ جيڪڏهن شيطان توکي چنگ ڏي ته تون الله جي پناهه گهر بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ جيڪي تقوي وارا آهن جڏهن انهن کي ڪنهن شيطاني خيال جو ڌڪ لڳي ٿو ته هوشيار ٿي وڃن ٿا انهيءَ وقت سندن اکيون کلي وڃن ٿيون.

پوءِ فرمايائون: (اي عِصام) پنهنجي مٿان بار هلڪو رک ۽ مان الله کان تنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ مغفرت جو سوال ڪيان ٿو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪهڙو ته پيارو انداز آهي، ڪيترا


 

 



[1] تفسیر بحر المحیط،پارہ:9 ،الاعراف،زیرِ آیت:201 ، جلد:4 ،صفحہ:570۔