Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
اطهار عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي اصل محبت سندن پيروي ڪرڻ ۾ آهي، ؟ امام عالي مقام حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مبارڪ زندگي مان اسان کي هي درس ملي ٿو ته اسان کي پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ گهرجن ۽ وقت اچڻ تي دين جي خاطر هرطرح جي قرباني پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. الله ڪريم اسان کي صحابه و اهل بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي حقيقي محبت نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
امام عالي مقام جو درزي جنهن سان کين ڪپڙا سبرائيندا هئا، اهو چئي ٿو: مون امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ کي عرض ڪيو: لباس جي ڊيگھ پيرن تائين رکان؟ فرمايائون: نه. مون عرض ڪيو: ڀيڏين کان هيٺ رکان؟ فرمايائون: مَا اَسْفَلَ مِنَ الْکَعْبَیْنِ فِی النَّارِ يعني جيڪو ڪپڙو ڀيڏين کان هيٺ لڙڪندو آهي، اهو باھ ۾ آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ سنتن جو لحاظ رکڻ وارا هئا، لباس ۾ سُنت هيءَ آهي ته گوڏ (يا شلوار وغيره) ڀيڏين کان مٿي رهي. امام عالي مقام رَضِىَ الله عَـنْهُ هن جو لحاظ رکيو.
هاڻي امام حسين جي محبت جي دعوا ڪرڻ وارا ٿورو پنهجي لباس تي غور ڪن. اسان لباس ۾ سنتن جو لحاظ رکون ٿا يا جديد فيشن تي هلون ٿا؟ اسان جي مٿي تي سنت جي مطابق عمامو شريف سجايل هوندو آهي يا نه؟ اسان جي شلوار، پاجامو يا پينٽ وغيره ڀيڏين کان مٿي هوندي آهي يا فيشن جي بي جا محبت جي بدولت ڀيڏين کان