Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

رَضِىَ اللهُ عَنْه سان ايماني محبت رکڻ ڪيتري فضيلت جي ڳالھ آهي جو جيڪو امام حسين سان محبت ڪندو آهي، اهو ٻانهو الله پاڪ جو محبوب بڻجي ويندو.

اهو جنت ۾  اسان سان گڏ هوندو...!!

امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جو فرمانِ عاليشان آهي: جيڪو اسان سان دنيا جي خاطر محبت ڪندو آهي ته بيشڪ دنيادار ته ڪنهن به نيڪ يا بد سان محبت ڪري وٺندو آهي، ها! جيڪو اسان سان صرف و صرف الله پاڪ جي رضا جي خاطر محبت ڪندو آهي، اهو ۽ اسان قيامت جي ڏينهن هيئن هڪ هنڌ هونداسين، هي چئي ڪري پاڻ شهادت واري ۽ ان سان گڏ واري آڱر پاڻ ۾ ملائي ڇڏي.[1]

کیوں نہ ہو رُتبہ بڑا  اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا                                                                ہے خدائے مصطفےٰ، اصحاب و اہلِ بیت کا

جینا مرنا اُن کی اُلفت میں ہو یا رب! اور ہو                                                        قُرب جنت میں عطا اصحاب و اہلِ بیت کا

حَشْر میں مجھ کو شفاعت کی عطا خیرات ہو                                                           واسطہ یا مصطفےٰ ! اصحاب و اہلِ بیت کا([2])

محبتِ امام حسين  رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪري مغفرت ٿي وئي

  حضرت علامه ابن جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيرو حضرت عمرو بن ليث رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سامهون سندن تمام فوج کي جمع ڪيو ويو، حضرت عمرو بن ليث رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن پنهنجي فوج جي ڪثرت ڏٺي ته روئي ڏنائون ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳا، اي ڪاش امام حسين رَضِىَ الله عَـنْهُ جي شهادت جي وقت ڪربلا ۾ موجود هجان ها ۽ مون وٽ ايتري فوج هجي ها ته مان پنهنجي جان، شان و شوڪت ۽ سڄي فوج کي سندس قدمن مٿان قربان ڪري ڇڏيان ها. ان زماني جي ڪنهن وَليُّ الله کي خواب ۾ الله ڪريم جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي


 

 



[1]  مقتل الحسین لطبرانی،صفحہ:76،رقم:115۔

[2]... وسائلِ فردوس، صفحہ:35 ملتقطًا.