Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
پيارا اخلاق آهن. سامهون وارو برو ڀلو چئي رهيو آهي ۽ امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي بخشش جي دعا ڏئي رهيا آهن. نفرتون مٽائڻ ۽ محبتون وڌائڻ جو هي نهايت ئي پيارو نسخو آهي، اسان کي به هي نسخو اپنائڻ گهرجي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ (۳۴) (پارہ:24،حم السجدہ:34)
ترجمو ڪنزالعرفان: برائي کي ڀلائي سان دور ڪيو ته توهان ۽ جنهن شخص جي وچ ۾ دشمني هوندي آهي ته ان وقت اهو ائين ٿي ويندو ڄڻ گهاٽو دوست آهي.
تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته دين اسلام ۾ مسلمانن کي اخلاقيات جي نهايت اعليٰ، جامع ۽ شاهڪار تعليم ڏني وئي آهي ته برائي کي ڀلائي کان ٽاري ڇڏيو جيئن ڪنهن جي طرف کان تڪليف پهچي ته ان تي صبر ڪيو، ڪو جهالت ۽ بيوقوفي جو ورتاءُ ڪري ته ان تي بردباري ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڻ سان بدسلوڪي ٿيڻ تي عفو و درگذر کان ڪم وٺو..!![1]
بد ہنسیں تم ان کی خاطِر رات بھر روؤ کَراہو
بد کریں ہر دَم بُرائی تم کہو ان کا بھلا ہو([2])
الله پاڪ اسان کي معاف ڪرڻ، برائي جو بدلو چڱائي کان ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد