Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
هڪ ٻئي شاعر چيو آهيۡ:
فِطْرَت کی مصلحت کا اشارہ حُسَین ہے قربانیوں کی آنکھ کا تارا حُسَیْن ہے
وہ اس لئے لڑے کہ ستم کو مِٹا سکیں پھر کیوں نہ ہم کہیں کہ ہمارا حُسَیْن ہے
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
امام حسين جي فضيلتن تي..حديثون
قاسم نعمت، مالڪ جنت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ امام حسن مجتبي ۽ امام حسين مجتبي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما جي متعلق فرمايو: هي ٻئي جنتي جوانن جا سردارآهن. [1] هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: مَنْ اَحَبَّہُمَا فَقَدْ اَحَبَّنِی حَسَن ۽ حُسَين سان جنهن محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي وَ مَنْ اَبْغَضَہُمَا فَقَدْ اَبْغَضَنِی ۽ جنهن انهن سان دُشمني ڪئي، ان مون سان دُشمني ڪئي.([2]) الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هُمَا رَيحَانَتَايَ مِنَ الدُّنيَا يعني حَسَن ۽ حُسَين دُنيا ۾ منهنجا ٻه گل آهن۔([3]) الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما کي سونگهندا هئا ۽ سيني سان لڳائيندا هئا. [4]
کیا بات رضا اُس چمنستانِ کرم کی زَہراء ہیں کلی جس میں حُسَیْن اور حَسَن پھول([5])