Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
هن انداز تي عبرت ۽ نصيحت جي لاءِ اسان قبرستان حاضري جي عادت بڻايون. دل جي ڪٽ لهندي، گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
آخر ۾ اچو! امام عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو هڪ سبق آموز خطبو ٻڌون ٿا: تاريخ ابن عساڪر ۾ آهي، ڪربلا جي ڏينهن 10 محرم الحرام تي صبح جو امام عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ خطبو ارشاد فرمايو: الله پاڪ جا ٻانهؤ! الله کان ڊڄو! ۽ دنيا کان بچندا رهو! بيشڪ هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي هميشه رهڻو هجي ها ته ضرور انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام هميشه رهن ها پر الله پاڪ هن دنيا کي آزمائش جي لاءِ پيدا فرمايو آهي، هتي رهڻ وارا سڀئي فنا ٿيڻ جي لاءِ ئي بڻايا ويا آهن، دنيا جون نيون شيون پراڻيون ٿيڻ واريون آهن، هتان جون نعمتون ختم ٿيڻ واريون آهن، هتان جون خوشيون ختم ٿيڻ واريون آهن، بس! سامان سفر تيار ڪيو! بيشڪ بهترين سامانِ سفر تقويٰ ئي آهي، الله پاڪ کان ڊڄو! ته جيئن توهان ڪامياب (Successful) ٿي وڃو..!!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع
اي عاشقانِ رسول! پنهنجي زِندگي کي بامقصد بنائڻ، خوفِ خُدا جي نعمت، نيڪيون ڪرڻ ۽ ايمان جي حِفَاظت جي لاءِ تڙپڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽