Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي دل ۾حج جو شوق وڌايون حج جا فضائل پڙهون، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل ۾ حج جو شوق پيدا ٿيندو ڪاش! اسان پنهنجو هي معمول بڻايون ته رات جو ڪنهن وقت اڪيلائي ۾ ويهي رهون، ڪڏهن ڪعبي شريف جو تصور ڪيون، ڪڏهن مِنٰي شريف جو تصور ڪيون، تصور ئي تصور ۾ ڪڏهن ميدانِ عرفات ۾ پهچون، ڪڏهن لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك جون صدائون لڳايون. صفا مروه جي سعي ڪيون. پوءِ پنهنجي مَحرومي کي تصور ۾ آڻي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ روئي روئي ڪري دعائون ڪيون: اي الله! مونکي حج جي سعادت عطا فرماءِ، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! حج جو شوق پيدا ٿيندو، اکين مان لڙڪ جاري ٿيندا، ته الله پاڪ جي رحمت ۾ وڏي اُميد آهي ته ڪرم ٿيندو، دل ۾ شوق به وڌندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته حج جو سڏ به نصيب ٿي ئي ويندو. اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا تمام بهترين 3 ڪتاب آهن: عاشقانِ رسول کی 130 حکایات ،رَفِیْقُ الْحَرمَیْن ۽ رَفِیْقُ الْمُعْتَمِرِیْن هي ڪتابَ پڙهو، دل ۾ حج جو شوق وڌائڻ جو نهايت زبردست نسخو آهن. پنهنجي والدين ۽ مرحومين جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ۽ پنهنجي قبر ۽ آخرت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حج ۽ عُمري تي وڃڻ وارن کي تحفي طور پيش ڪيو، حج ۽ عُمرو ڪرڻ وارا هنن ڪتابن کي پڙهندا، سُٺي انداز ۾ حج ۽ عُمرو ادا ڪري سگهندا ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اسان کي به ان جون برڪتون ملنديون، ڪهڙي خبر ته ان نيڪ عمل جي صدقي اسان کي به مديني پاڪ ۽ مڪي شريف جو سڏ ملي وڃي.
جان و دِل ہوش و خرد سب تو مدینے پہنچے تم نہیں چلتے رضا سارا تو سامان گیا
12 مَدَني ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! مديني جو عشق ماڻڻ، نيڪ نمازي ۽ نيڪين واري