Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

وقت فرض آهي، انهيءَ مناسبت سان ڪعبي شريف جي تعمير 5 جبلن سان ٿي.

(تحفۂ معراج النبی ،صفحہ:366)

حج کا شَرَف ہو پھر عطا یارَبِّ مصطفےٰ!                  میٹھا مدینہ پھر دکھا یارَبِّ مصطفےٰ!

دیدے طوافِ خانۂ کعبہ کا پھر شَرَف                   فرما یہ پورا مُدَّعا یا ربِّ مصطَفٰے!

رُخ سوئے کعبہ ہاتھ میں زَم زَم کا جام ہو      پی کر میں پھر کروں دُعا یارَبِّ مصطفےٰ!

(وسائِلِ بخشش،صفحہ:129ملتقطًا)

ڪعبي شريف جي متعلق دلچسپ معلومات

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبو شريف بيتُ الله آهي، ان جو ڇا ته نرالو شان آهي. اچو! ڪعبي شريف جي متعلق ڪجھ دلچسپ معلومات ٻڌون ٿا: عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ڪعبي شريف جي عمارت مربع شڪل جي آهي، ان ڪري ڪعبي شريف کي ڪعبو (يعني 4 ڪنڊن وارو گهر) چوندا آهن لفظِ ڪعبه جي هڪ معنٰي: بلند ۽ اڀريل به آهي، اڳي زماني ۾ ماڻهو ڪعبي شريف جي عزّت ۽ حرمت جي سامهون رکي پنهنجا گهر گول بڻائيندا هئا ۽ ڪعبي شريف کان مٿي نه ڪندا هئا، ڇوته اهو ئي گهر مبارڪ ويجهي تمام گهرن کان بلند هو، ان ڪري ان کي ڪعبو چيو ويو. (تحفۂ معراج النبی ،صفحہ:400) ڪعبي شريف تي پهريان غلاف نه هوندو هو، سڀني کان پهريان تُبَّع حِمۡيَري ڪعبي شريف تي غلاف چڙهايو، ان کان بعد ڪعبي شريف تي غلاف چاڙهڻ جو معمول بڻجي ويو ڪعبي شريف جي غلاف جو رنگ شروع کان ڪارو نه آهي، مختلف زمانن ۾ ٻين رنگن جا غلاف به چڙهايا ويا، البت هاڻي ڊگهي عرصي کان ڪاري رنگ جو ئي غلاف چاڙهيو ويندو آهي. سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي تمام پياري حڪمت بيان ڪئي آهي. پاڻ فرمائن ٿا:

سر سبزِ وَصْل یہ ہے،سِیَہ پَوش ِہِجر وہ      چمکی دو پٹوں سے جو حالت جِگر کی ہے

(حدائقِ بخشش ،صفحہ:223)