Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

جي سعادت حاصل ڪئي هوندي، اهي سڀ الڳ ٿي ڪري ڪعبي شريف جي چؤطرف جمع ٿي ويندا، انهن جا چهرا اڇا هوندا ۽ جهنم کان بي خوف ٿي ڪري ڪعبي شريف جو طواف ڪري رهيا هوندا، انهن جي زبانن تي به هڪ ئي ڪلمو هوندو: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ (مان حاضر آهيان اي الله! مان حاضر آهيان). پوءِ ملائڪ پڪاريندو: اي ڪعبه! هاڻي ته تنهنجو سوال پورو ٿي ويو هاڻي ته هل...! هاڻي ڪعبو شريف به تَلۡبِيه پڙهندو، (يعني ڪعبو شريف به چوندو: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان اي الله! مان حاضر آهيان) پوءِ ڪعبي شريف کي ان شان سان ميدانِ محشر ۾ آندو ويندو جو دنيا ۾ ڪعبي جي زيارت ڪرڻ وارا انهن جي چؤطرف طواف ڪري رهيا هوندا ۽ انهن سڀني جي زبانن تي هي ڪلما هوندا: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ (مان حاضر آهيان اي الله! مان حاضر آهيان).

)الروض الفائِق ،صفحہ:48(

حج کا شَرَف ہو پھر عطا یارَبِّ مصطفےٰ!             میٹھا مدینہ پھر دکھا یارَبِّ مصطفےٰ!

دیدے طوافِ خانۂ کعبہ کا پھر شَرَف       فرما یہ پورا مُدَّعا یاربِّ مصطَفٰے!

)وسائِلِ بخشش،صفحہ:129ملتقطًا(

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دلين ۾ شفقت رکي ويندي آهي!

  پيارا اسلامي ڀائرو! حرمِ پاڪ ۾ داخل ٿيڻ وارو مومن امن ۾ اچي ويندو آهي، ان جي هڪ صورت عالم سڳورن هيءَ لکي آهي جيڪو خوش نصيب حرمِ پاڪ ۾ داخل ٿي ويندو آهي، الله پاڪ مخلوق جي دل ۾ ان جي لاءِ شفقت رکي ڇڏيندو آهي، )تفسیرِ کبیر،پارہ:4 ،سورۂ آلِ عمران،زیرِ آیت:97 ،جلد:3 ،صفحہ:303( ايستائين جو جيڪڏهن شڪار ڪرڻ وارو جانور ڪنهن ٻئي جانور (مثلاً شينهن هرڻي تي حملو ڪري رهيو هجي) ۽ اهو جانور ڊوڙي ڪري حدودِ حرم ۾ پهچي وڃي ته شڪاري جانور ان کي ڇڏي ڏيندو آهي، ان تي حملو ناهي