Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
ڪندو، اهڙيءَ طرح جيڪو اتي اچي ڪري پناھ وٺندو آهي، الله پاڪ ان کي پناھ عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.
)تفسیرِ بغوی،پارہ:4 ،سورۂ آلِ عمران،زیرِ آیت:96 ،جلد:1 ،صفحہ:385(
حضرت حُوَيۡطَبۡ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: دورِ جاهليت جي ڳالھ آهي، مان ڪعبي شريف جي ويجهو ويٺو هيس، ايتري ۾ هڪ عورت اتي آئي، ان جو مڙس ان تي ظلم ڪري رهيو هو، عورت پنهنجي مڙس جي خلاف ڪعبي شريف جي وسيلي سان پناھ گهري پر مڙس کي اڃان به حيا نه آئي، ان جيئن ئي عورت جي طرف هٿ وڌايو ته ان جو هٿ شَل (سُن) ٿي ويو.
)معجمِ کبیر،جلد:2 ،صفحہ:297 ،رقم:2999 (
(3): ڪعبي شريف جي هڪ خصوصيت: طواف
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جي هڪ خصوصيت هي به آهي ته دنيا ۾ هي واحد مقام آهي، جنهن جو طواف ڪيو ويندو آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لۡیَطَّوَّفُوۡا بِالۡبَیۡتِ الۡعَتِیۡقِ (۲۹)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان آزاد گهر جو طواف ڪيو ويندو آهي.
(سيپارو: 17، سورة حج: 29)
منقول آهي: هڪ ڀيري حضرت امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه طواف فرمائي رهيا هئا ته هڪ شخص پاڻ کان سوال پڇيو پر امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه ان جي طرف ڪا توجھ نه فرمائي. ايستائين جو پاڻ طواف جا 7 چڪر مڪمل فرمايا، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه حطيم ۾ تشريف وٺي آيا ۽ ميزابِ رحمت جي هيٺان بيهي ڪري 2 رڪعتون نماز ادا فرمائي، پوءِ سڌو ويهي ڪري فرمايائون: اهو سوال ڪرڻ