Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

   الله! الله! بس اهو نوراني هٿ چهري تي لڳڻ جي دير هئي، منهنجي والدِ محترم جو ڪارو چهرو نور سان چمڪڻ لڳو. هڪ بيوس تي اهڙي ڪرم نوازي فرمائڻ کان بعد اهي عظيم شخصيت جڏهن موٽڻ لڳا ته مان جلدي مان انهن جي دامن سان چنبڙي ويس ۽ ادب سان عرض ڪيُم: اوهان هن ويراني ۾ مون تي ۽ منهنجي والد تي اهڙي ڪرم نوازي فرمائي، اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: مان صاحبِ قرآن محمد بن عبدُ الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) آهيان، تنهنجو والد صاحب تمام گنھگار هو، البت ان سان گڏوگڏ مون تي ڪثرت سان درودِ پاڪ به پڙهندو هيو، جڏهن هي هن بيماري ۾ مبتلا ٿيو ته مون سان فرياد ڪيائون ۽ بيشڪ جيڪو مون تي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهندو آهي مان ان جو فرياد ٻڌندو آهيان. ان نوجوان وڌيڪ چيو: جڏهن منهنجي اک کُلي ته مون ڏٺو: منهنجي والد صاحب جو چهرو اڇو چمڪدار ٿي چڪو هو. )تفسیر روح البیان،پارہ:22،سورۂ احزاب،زیرِ آیت:56 ،جلد:7،صفحہ:225 (

گورِ بیکس کو شمع سے کیا کام                                                                                                                         ہو چراغِ سَرِ مَزار دُرود

قَبر میں خوب کام آتی ہے                             بیکسوں  کی ہے  یارِ  غار  درود

)ذوقِ نعت،صفحہ:124 -125(

وضاحت: يعني بي وس ۽ گنھگار کي قبر ۾ شمع جي ضرورت ناهي، ڪاش! قبر ۾ درودِ پاڪ جا ڏيئا روشن ٿي وڃن. بيشڪ درودِ پاڪ قبر جو ساٿي آهي، گنھگارن جو يارِ غار ۽ يارِ مزار درودِ پاڪ ئي آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾