Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
المعمور جهڙو ۽ انهيءَ سائز جو هڪ گهر ٺاهيو. پوءِ جڏهن اهو گهر تعمير ٿي ويو ته الله پاڪ زمين جي مخلوق کي حڪم فرمايو: جيئن آسمان وارا بيتُ المعمور جو طواف ڪندا آهن، توهان هن گهر جو طواف ڪيو...!!
)اخبار مکہ للازرقی ،ذکر بناء الملائکۃ الکعبۃ ،جز:1 ،صفحہ:27 -29 (
هڪ روايت جي مطابق حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام جي پيدائش کان 2 هزار سال پهريان، بيتُ المعمور جي عمارت بڻائي، هي پيمائش ۾ بيتُ المعمور جي برابر هو، ان وقت ڪعبي شريف جو طواف ته صرف زميني ملائڪ ڪندا هئا پر ان جو حج زمين ۽ آسمان جا تمام ملائڪ ڪندا هئا،
)تفسیرِ خازن،پارہ:4 ،آلِ عمران ،زیرِ آیت:96 ،جلد:1 ،صفحہ:271(
حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا ته مون پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻُڌو ته جنهن ڳڻي ڪري طواف جا 7 چڪر پورا ڪيا ۽ پوءِ 2 رڪعتون ادا ڪيون ته هي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي ۽ طواف ڪندي ماڻهوءَ جي هر قدم تي ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ ان جا 10 گناھ مٽايا ويندا آهن ۽ 10 درجا بُلند ڪيا ويندا آهن. )مسندِ امام احمد ،جلد:3 ،صفحہ:7 ،حدیث:4555( پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو بيتُ الله جي طواف جا 7 چڪر پورا ڪري ۽ ان ۾ ڪا لَغۡو (يعني بيهوده) ڳالھ نه ڪري ته هي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي. )معجمِ کبیر ،جلد:9 ،صفحہ:82 ،حدیث:17233( حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان روايت آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن 50 ڀيرا طواف ڪيو گناھن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ پنهنجي ماءُ جي پيٽان پيدا ٿيو. )ترمذی ،کتاب الحج،باب ما جاء فی فضل الطواف ،صفحہ:234 ،حدیث:866( حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن برسات ۾ طواف جا 7 چڪر لڳايا ان جا پٺيان گناھ بخشيا ويندا آهن. )قُوْتُ الْقلوب،جلد:2 ، صفحہ:198(