Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

جي اجازت ته ملي وئي آهي پر مون وٽ ته اوترا اسباب ئي ناهن جو حج تي وڃي سگهان، هي خيال اچڻ جي دير هئي، سڄي خوشي غم ۾ تبديل ٿي وئي، ٻي رات ٿي، وري نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف وٺي آيا، وري ارشاد فرمايائون: تون هن سال حج جي لاءِ هليو وڃجانءِ. اهو عاشقِ رسول مفلس هجڻ جو ذڪر نه ڪري سگهيو، ٽئين رات وري ڪرم ٿيو، وري الله جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ فرمايائون: تون هن سال حج جي لاءِ هليو وڃجانءِ. هن ڀيري به اهو پنهنجي پريشاني بيان نه ڪري سگهيو، آخر چوٿين رات وري ڪرم ٿيو، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف وٺي آيا ته ان عرض ڪيو يارسولَ الله! يا حبيبَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون وٽ ته سفر جو خرچ به ناهي، مان ڪيئن ٿو حج جي لاءِ وڃي سگهان؟..

پاس مال و زَر نہیں اُڑنے کو بھی پَر نہیں              کر دو   کوئی انتظام تم پہ کروڑوں سلام

رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇو نه؟ تو وٽ زادِ راھ (سفر جو خرچ) آهي، تون پنهنجي گهر جي فلاڻي جڳھ کوٽ، اتي تنهنجي ڏاڏي جي زِرَھ موجود هوندي، اوترو فرمائي ڪري نور جا پيڪر، تمام نبين جا سَرۡوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف وٺي ويا. صبح جو عاشقِ رسول جي اک کُلي، تمام گهڻو خوش هيو، نمازِ فجر ادا ڪرڻ کان بعد آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻڌايل جڳھ کي کوٽڻ شروع ڪيائين، واقعي اتي هڪ قيمتي زِرَھ موجود هئي، ان اها زِرَھ وڪڻي ۽ حج جي لاءِ روانو ٿي ويو. (عیون الحکایات، جلد:2، صفحہ:223)

جسے چاہا دَر پہ بُلا لیا                                       جسے چاہا اپنا بنا لیا

یہ  بڑے کرم کے ہیں فیصلے                           یہ بڑے نصیب کی بات ہے

حج جو شوق ڪيئن وڌايون؟

   خبر پئي! حج جي لاءِ مال و اسباب جي نه، شوق ۽ تڙپ جي ضرورت آهي،