Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

عَلَيهِ السَّلَام جو لشڪر هتان کان گذريو پر اهو مون وٽ تشريف وٺي نه آيو. ان تي الله پاڪ ارشاد فرمايو: اي ڪعبه! نه رؤ...!! مان پنهنجي ٻانهن تي تنهنجو حج فرض ڪندُس جو تنهنجي طرف ائين ايندا جيئن پکي پنهنجي آکيري جي طرف ايندا آهن، اهي تنهنجي طرف ائين روئيندي ڊوڙندا، جيئن ڏاچي پنهنجي ڦَرَ جي شوق ۾ ڊوڙندي آهي. (اي ڪعبه!) مان تو (يعني تنهنجي شهر) ۾ نبيءِ آخرُ الزّمان (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي پيدا ڪندُس، جيڪو مونکي سڀني نبين کان وڌيڪ پيارو آهي.

 )تفسیرِ بغوی،پارہ:19 ،سورۂ نمل  ،زیرِ آیت:18 ،جلد:3 ،صفحہ: 390 ملتقطًا(

   الله اڪبر! ڪعبي شريف جو ڇا ته نرالو شان آهي جو الله پاڪ ماڻهن جون دليون ان جي طرف مائل ڪري ڇڏيو آهن، الحمد لله! دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ماڻهو پيسا خرچ ڪري، سفر جون مشڪلاتون برداشت ڪري اتي ايندا ۽ طوافِ ڪعبه جي سعادت ماڻيندا آهن ۽ ڪيترا ئي ويچارا اهي آهن         جيڪي حاضر ناهن ٿي سگهندا پر ڪعبي شريف کي هڪ نظر ڏسڻ جي لاءِ تڙپندا رهندا آهن.

بڑا حج پہ آنے کو جی چاہتا ہے          بُلاوا اب آئے گا کب یااِلٰہی!

مَیں مکّے میں آؤں مدینے میں آؤں          بنا    کوئی   ایسا   سَبب   یااِلٰہی!

)وسائل بخشش،صفحہ:107(

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(2): ڪعبو شريف امن جو مقام آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبي شريف جي ٻي اهم خصوصيت هيءَ آهي ته الله پاڪ ڪعبي شريف ۽ ان جي ويجهو حرمِ پاڪ کي مقامِ امن بڻايو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو: