Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
۾ طواف جي جاءِ تي پٿر وَسايا پئي ويا، ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ هئا، ڪو به انسان طواف ڪندي نظر نه اچي رهيو هو پر الله پاڪ جو شان ڏسو! ان وقت به هڪ اُٺُ جهومندو ڪعبي شريف جي طواف ۾ مصروف هيو.
)روض الانف،حدیث بنیان الکعبۃ و حکم رسول اللہ …جلد:1 ،صفحہ:371(
ملائڪَ به ڪعبي شريف جو طواف ڪندا آهن
روايتن ۾ اچي ٿو: جتي اسان جو ڪعبو شريف آهي، ان جي بلڪل سڌو آسمان تي ملائڪن جو قبلو آهي، جنهن کي بيتُ المعمور چوندا آهن، اتي ملائڪن جي جماعت ٿيندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ 70 هزار ملائڪَ اتي نماز پڙهندا آهن، جيڪي هڪ ڀيرو پڙهي وٺندا آهن، ٻيهر ڪڏهن به انهن جي واري ناهي ايندي. )حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: الامامۃ ،جلد:1،صفحہ:248( پوءِ جڏهن شام ٿيندي آهي ته اهي 70 هزار ملائڪ زمين تي اچي ويندا آهن ۽ ڪعبي شريف جو طواف ڪندا آهن.
)حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: قصد البیت الحرام بالحج…الخ،جلد:1،صفحہ:361(
سبحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي ڪعبي شريف جي خصوصيت، جو اهو مبارڪ مقام آهي جتي هر وقت الله پاڪ جي عبادت ٿيندي ئي رهندي آهي.
ڪعبي شريف جي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ فرياد
منقول آهي: هڪ ڀيري الله پاڪ جا نبي حضرت سليمان عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي لشڪر سان گڏ هوا ۾ اڏامندي ڪيڏانهن تشريف وٺي وڃي رهيا هئا، سندن ڪعبي شريف جي ويجهو کان گذر ٿيو پر پاڻ اتي ڪنهن سبب ترسي نه سگهيا، اڳتي تشريف وٺي ويا، اهو معاملو ڏسي ڪري ڪعبو شريف رُنو ۽ بارگاھِ الاهي ۾ عرض گذار ٿيو: اي الله پاڪ! تنهنجي نبين مان هڪ نبي