Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

سَعدوان خَولاني هيءَ ڳالھ ٻڌي ڪري چيو: ان مرڻ واري شخص 3 حج ڪيا هوندا؟ ماڻهن ٻڌايو: ها! ان 3 حج ڪيا هئا. ان تي سَعدُوان خولاني چيو: مونکي هيءَ ڳالھ پهتي آهي ته  جيڪو ٻانهو هڪ حج ڪري، ان پنهنجو فرض ادا ڪيو، جنهن ٻيون حج ڪيو، ان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ قرض پيش ڪيو ۽ جنهن 3 حجَ ڪيا ان جي جسم ۽ جسم تي ڦٽڻ وارن وارن کي جهنّم تي حرام فرمائي ڇڏيندو آهي.

 )الشفاء،الجزء الثانی،القسم الثانی،الباب الرابع ،فصل فیما یلزم من دخل مسجد النبی …الخ،صفحہ:80(

مڪي پاڪ ۾ مرڻ جي فضيلت

   سبحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي ڪعبي شريف جي برڪت...!! جيڪو خوش نصيب ڪعبي شريف ۾، حرم جي حدود ۾ اچي ويندو آهي، حج جي سعادت ماڻيندو آهي، الله پاڪ ان کي عذاب کان نجات عطا فرمائي ڇڏيندو آهي. هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو حرمين مان ڪنهن هڪ (يعني مڪي شريف يا مديني پاڪ) ۾ وفات ماڻي، اهو منهنجي شفاعت ماڻي وٺندو ۽ قيامت جي ڏينهن اَمن وارن سان گڏ اٿندو. )معجمِ کبیر،جلد:3 ،صفحہ:568 ،حدیث:5980(

ميدانِ محشر ۾ لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک جي ڌوم ڌام

   حضرت وَهب بن مُنبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: تورات شريف (جيڪو آسماني ڪتاب آهي، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام تي نازل ٿيو، ان ڪتاب) ۾ لکيل آهي: الله پاڪ قيامت جي ڏينهن پنهنجي 7 لک مُقرب ملائڪن کي سون جا زنجير (Golden Chains) عطا فرمائيندو ۽ حڪم ڏيندو ته  انهن زنجيرن سان ڪعبي شريف کي ميدانِ محشر ۾ کڻي اچو! ملائڪَ ويندا، انهن سونَ جي زنجيرن سان ڪعبي شريف کي ٻَڌندا، پوءِ هڪ ملائڪ پڪاري ڪري چوندو: اي ڪعبه! هل...! ڪعبو شريف چوندو: مان نه هلندُس جيستائين منهنجو سوال پورو نه ٿي وڃي.