Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

آسمان مان هڪ ملائڪ پڪاريندو: اي ڪعبه! سوال ڪر تنهنجو سوال پورو ڪيو ويندو. هاڻي ڪعبو شريف الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو: اي الله پاڪ! منهنجي ويجهو دفن ٿيڻ وارن مومنن جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماءِ. آواز ايندو: مون تنهنجي درخواست قبول فرمائي ورتي (يعني تنهنجي ويجهو جيڪي مومنَ دفن آهن انهن سڀني جي حق ۾ تنهنجي شفاعت قبول ڪئي وئي.) جيئن ته جن مسلمانن کي مڪي پاڪ ۾ دفن ٿيڻ جي سعادت ملي هوندي، انهن کي جمع ڪيو ويندو، انهن جا چهرا اڇا چمڪدار هوندا، اهي سڀ احرام جي حالت ۾ ڪعبي جي چؤطرف جمع ٿي ويندا ۽ انهن سڀني جي زبان تي هڪ ئي ڪلمو هوندو: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ (مان حاضر آهيان اي الله! مان حاضر آهيان).

   هاڻي ملائڪَ ڪعبي شريف کي چوندا: اي ڪعبه! هاڻي هل...!! هاڻي ته تنهنجو سوال پورو ٿي چڪو. ڪعبو شريف چوندو: مان نه هلندُس جيستائين منهنجي درخواست قبول نه ٿي وڃي. آسمان مان هڪ ملائڪ پڪاري چوندو: اي ڪعبه! گُهر توکي ڏنو ويندو. ڪعبو شريف چوندو: اي الله پاڪ! تنهنجا گنھگار ٻانها جيڪي پري، پري کان مِٽيءَ ۾ ميرا ٿي مون وٽ آيا، انهن پنهنجن ٻارن ٻچن، مٽن مائٽن کي ڇڏيو ۽ تنهنجي حڪم تي عمل ڪندي، منهنجي زيارت جي شوق ۾ آيا ۽ حج ڪيائون، اي الله پاڪ! مان تو کان سوال ڪريان ٿو ته انهن حاجين جي حق ۾ به منهنجي شفاعت قبول فرماءِ انهن کي قيامت جي گهٻراهٽ کان امن عطا فرماءِ ۽ انهن کي منهنجي ويجهو جمع فرمائي ڇڏ. الله پاڪ فرمائيندو: اي ڪعبه! مون انهن جي حق ۾ به تنهنجي شفاعت قبول ڪئي. هاڻي ملائڪ اعلان ڪندو: جنهن ڪعبي جي زيارت ڪئي هئي، اهو ٻين ماڻهن کان الڳ ٿي وڃي. هي اعلان ٻڌي ڪري محشر وارن مان اهي تمام ماڻهو جيڪي ڪعبي جي زيارت سان مشرف ٿيا هوندا، جنهن حج جي يا عُمري