Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني  ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصَّو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! زندگي ۾ نيڪين جي بهار ايندي، الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ جا موقعا نصيب ٿيندا.

حج جي سعادت نصيب ٿي وئي

   پنجاب جي علائقي اِلٰه آباد (ضلعي قصور) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: الحمد لله! مان دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ته هيس پر ديني ڪمن جي معاملي ۾ سُستي جو شڪار هيس، هڪ ڏينهن هڪ ذميدار اسلامي ڀاءُ مونکي سمجهائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ بطورِ خاص نمازِ فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ واري ديني ڪم جي خوب پابندي ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، الحمد لله! منهنجو ذهن بڻجي ويو ۽ مان ايندڙ ڏينهن ئي ان تي عمل شروع ڪري ڇڏيو. فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ ته ڇا شروع ڪيو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم ٿي ويو، قسمت جو تارو ايئن چمڪيو جو انهيءَ سال مونکي مديني پاڪ جي حاضري جي سعادت نصيب ٿي وئي، ڪرم مٿان ڪرم هي به ٿيو ته منهنجي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سعادت نصيب ٿي وئي.

عطائے حبیبِ خُدا مدنی ماحول                        ہے فیضانِ غوث و رضا مدنی ماحول

سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہ!                  تم اپنائے رکھو سدا مدنی ماحول

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

حج ۽ عُمره موبائل ايپليڪيشن

   اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ