Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان حوالي سان دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف موبائل ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهن، انهن مان هڪ ايپليڪيشن آهي: Hajj &Umrah (حج ۽ عُمرو).
هن ايپليڪيشن جي مدد سان توهان حج ۽ عُمري جو مختصر طريقو ۽ حج ۽ عُمري جا ضروري مسائل وغيره ڄاڻي سگهو ٿا، ان کان علاوه هن موبائل ايپليڪيشن ۾ حج ۽ عُمري جون دعائون، حرمين شريفين جي اهم زيارت جي مقامن جي معلومات وغيره به شامل آهي، هن موبائل ايپليڪيشن جو هڪ اهم فيچر هي آهي ته هن ۾ ٿري ڊي وڊيوز (3D Videos) جي ذريعي حج ۽ عُمري جو عَملي طريقو به سيکاريو ويو آهي. جنهن وٽ اسمارٽ فون (Smart Phone) جي سهولت آهي، اهي هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾انسٽال ڪري وٺن! هن مان فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن 3 ڀيرا فرمايو: منهنجي نائب تي الله پاڪ جي رحمت هجي. عرض ڪيو ويو: حضور! اوهان جا نائب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سنّت سان محبت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا.
)جامع بیانِ علم،باب علم کے فضائل ،جلد:1 ،صفحہ:201 ،حدیث:220(
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا