Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
هن آيتِ ڪريمه ۾ ڪعبي شريف جون ٻه خصوصيتون بيان ٿيون: (1): ڪعبو شريف ماڻهن جي لاءِ مَرۡجِعۡ (يعني موٽڻ جي جاءِ) آهي (2): ڪعبو شريف امن جي جاءِ آهي.
(1): ڪعبي شريف ڏانهن دليون مائل آهن
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: ان جاءِ تي سڄي جهان جا ماڻهو جمع ٿيندا آهن. جيڪو هڪ ڀيرو اتي ايندو آهي، اهو باربار اچڻ چاهيندو آهي، رستي جي مصيبتن جي پرواھ ناهي ڪندو جيڪو دنيا جي مصروفيت کان فارغ ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي آخري عُمر ۾ قدم رکندو آهي ته الله، الله ڪرڻ جي لاءِ ڪعبي شريف وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،. اهي انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جن جي قومن تي عذاب آيو، اهي پنهنجي قوم جي هلاڪت کان بعد عام طور اتي تشريف آڻيندا هئا ۽ آخر تائين اتي ئي تشريف فرما رهندا هئا، هر جاءِ تان مسلمان انهيءَ جي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا آهن اهڙيءَ طرح ڪو مسلمان ڪٿي به مري، قبر ۾ ان جو منهن ڪعبي شريف ڏانهن ئي ڪندا آهن. لهٰذا معلوم ٿيو: ڪعبو شريف مَرجعِ خلائِق (يعني عظيم زيارت گاھ ۽ ماڻهن جي موٽڻ جي جاءِ) آهي.
)تفسیرِ نعیمی،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:125 ،جلد:1 ،صفحہ:708 بتغیر قلیل(
عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ڪعبي شريف جي خصوصيتن مان هڪ خصوصيت هيءَ به آهي ته جڏهن کان ڪعبو شريف بڻايو ويو آهي، تڏهن کان اڄ تائين ڪڏهن به طواف ڪرڻ وارن کان خالي ناهي ٿيو، هر وقت انسان، جِنَّ يا ملائڪ ان جو طواف ڪندا ئي رهندا آهن. )شفاء الغرام باخبار البلد الحرام،الباب الثالث عشر،جلد:1 ،صفحہ:354( ايستائين جو حضرت عبدُ الله بن زُبير رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت ۾ جڏهن حجاج بِن يوسف ڪعبي شريف تي حملو ڪيو، ان ڏينهن عين حرمِ پاڪ