Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
وَ مَنۡ دَخَلَہٗ کَانَ اٰمِنًا ؕ
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو ان گهر ۾ داخل ٿيو امن وارو ٿي ويو.
(سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: 97)
سبحان الله! معلوم ٿيو: جيڪو ڪعبي شريف (۽ ان جي ويجهو ڪيئي ڪلو ميٽر تي پکڙيل حرم پاڪ) ۾ داخل ٿي ويو، اهو امن ۾ اچي ويو.
مڪي پاڪ ۾ اچڻ واري کي بخشيو ويو
عالم سڳورا فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو ڪعبي شريف (حرم جي حدود) ۾ داخل ٿي وڃي، ان جي امن ۾ اچڻ جون مختلف صورتون آهن: هڪ صورت ته هيءَ آهي ته جيڪو خوش نصيب نيڪي جي نيّت سان حج يا عُمرو وغيره ڪرڻ جي لاءِ حرمِ پاڪ ۾ پهچي ويندو آهي، اهو قيامت جي ڏينهن عذاب کان امن ۾ رهندو. )تفسیرِ بغوی،پارہ:4 ،سورۂ آلِ عمران،زیرِآیت:97 ،جلد:1 ،صفحہ:386( حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو حرمِ پاڪ ۾ اچي ويندو آهي، ان کي نيڪيون ملنديون آهن، ان جون بُرايون دور ڪيون وينديون آهن ۽ ان کي بخشيو ويندو آهي. )معجمِ کبیر،جلد:5 ،صفحہ:332 ،حدیث:11328(
میں مکّے میں پِھر آ گیا یااِلٰہی! کرم کا ترے شکریہ یااِلٰہی!
نہ کر رَدّ کوئی التجا یااِلٰہی! ہو مقبول ہر اِک دُعا یااِلٰہی!
قاضي عِياض مالڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شفا شريف ۾ لکن ٿا: هڪ ڀيري سَعۡدُوان خَوۡلاني وٽ ڪجھ ماڻهو آيا ۽ ٻڌايائون ته فلاڻي قبيلي هڪ شخص کي قتل ڪيو، پوءِ ان جي لاش کي باھ ڏئي ڇڏي پر حيرت جي ڳالھ هئي جو رات دير تائين ان جو جسم باھ ۾ رهيو، ان جي باوجود ان تي باھ ڪو اثر نه ڪيو، ايستائين جو ان جو اڇو رنگ باھ ۾ سڙڻ کان بعد به اهڙو جو اهڙو ئي رهيو.