Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

2 عبرتناڪ واقعا

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان سڀني کي باربار حج ۽ عمري جي سعادت عطا فرمائي، ياد رکو! گناھ هر جڳھ گناھ ئي آهي، البت حرمِ پاڪ ۾، خصوصاً ڪعبي شريف جي رُوبَرو گناھ جو ڪم ڪرڻ صرف گناھ ئي نه، ڪعبي شريف جي بي ادبي به آهي، ان جي لاءِ حرمِ پاڪ ۾ وڃي ڪري گناھن کان خصوصاً بچڻ لازمي آهي.

(1): زمانهءِ جاهليت جي ڳالھ آهي، هڪ شخص جنهن جو نالو اِسَاف هيو، ان ۽ نائله نالي هڪ عورت عين ڪعبي شريف جي اندر بدڪاري ڪئي، هاءِ! انهن بدبختن کي ڪعبي شريف جي حرمت جو به احساس نه ٿيو، اُمُّ المؤمنين سيده عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: جڏهن انهن ٻنهي ڪعبي شريف جي اهڙي بي ادبي ڪئي ته انهن تي الله پاڪ جو ڏمر نازل ٿيو ۽ اهي ٻئي انهيءَ وقت پٿر بڻجي ويا.

(2): زمانهءِ جاهليت جو ئي واقعو آهي: هڪ عورت ۽ هڪ مرد طواف ڪري رهيا هئا، انهن غلط نيت سان پنهنجو جسم هڪٻئي سان مِلايو، انهن تي انهيءَ وقت قهر نازل ٿيو ۽ انهن جا جسم انهيءَ جڳھ تي پاڻ ۾ چنبڙي ويا، هاڻي انهن کي ماڻهن کان حيا آئي، اهي ڊڄي ڪري اتان کان ڀڳا، رستي ۾ هڪ پوڙهي ماڻهوءَ سان انهن جي ملاقات ٿي، ان پوڙهي کي جڏهن انهن جي گندي حرڪت جي خبر پئي ته ان چيو: جتان کان ڀڳا آهيو، اتي ئي واپس وڃو! سچي دل سان توبھ ڪيو! توهان کي هن عذاب کان نجات ملي ويندي. بهرحال اهي ٻئي واپس ڪعبي شريف وٽ آيا، سچي دل سان توبھ ڪئي ۽ پڪو عهد ڪيو ته آينده ڪڏهن به اهڙي خراب حرڪت نه ڪنداسين، انهن جي توبھ قبول ٿي ۽ الله پاڪ انهن کي عذاب کان نجات عطا فرمائي ڇڏي (يعني ٻنهي جا جسم الڳ الڳ ٿي ويا).

 (اخبارِ مکۃ للازرقی،باب ما جاء فی فتح الکعبۃ،جلد:1 ،صفحہ:178)