Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

حالت ۾ رات ٿي وئي، هڪ عالِم صاحب وزير وٽ آيو ۽ چيائين: ڪجھ سوال پڇندُس، جيڪڏهن بادشاھ سلامت مونکي صحيح جواب ڏِيَن ته مان سندن علاج ڪري سگهان ٿو. اهو ٻڌي ڪري وزير تمام گهڻو خوش ٿيو، فوراً ان عالِم صاحب کي وٺي بادشاھ وٽ پهتو، بادشاھ ۽ ان عالِم صاحب کي اڪيلو ڇڏيو ويو،  عالِم صاحب پڇيو: اي بادشاھ! ڇا اوهان هن بيتُ الله کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو؟ بادشاھ چيو: ها! ائين ئي آهي. عالِم صاحب چيو: انهيءَ سبب اوهان کي هيءَ بيماري لڳي آهي، هن گهر جو مالِڪ دلين جون  ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو، اوهان هن ارادي کان رڪجي وڃو! هن گهر (يعني ڪعبي شريف) ۽ ان جي خادمن سان نيڪي ۽ ڀلائي جو ارادو ڪيو! جيڪڏهن اوهان ائين ڪندؤ ته اوهان کي شفا نصيب ٿي ويندي، جيئن ته بادشاھ پنهنجو ارادو مَٽائي ڇڏيو ۽ ڪعبي شريف جي عزّت ڪرڻ، مڪي وارن سان نيڪي ۽ ڀلائي جو ارادو ڪيو، بس اهو ارادو ڪرڻ جي دير هئي، بادشاھ سلامت کي انهيءَ وقت شِفا نصيب ٿي وئي.

   ان وقت تُبَّع حِمۡيَري ڪعبي جي ربَّ تي ايمان آندو ۽ ڪعبي شريف تي 7 قيمتي غلاف چڙهايا، تُبَّع حِمۡيَري ئي پهريون شخص آهي جنهن خانهءِ ڪعبه تي غلاف چڙهايو. (تاریخِ مدینہ دمشق ،جلد:11 ،صفحہ:10 -12 ملتقطًا )

کعبے کی رونق کعبے کا منظر، اللہ اَکْبَر! اللہ اَکْبَر!

دیکھوں تو دیکھے جاؤں برابر، اللہ اَکْبَر! اللہ اَکْبَر!

دیکھا صَفَا بھی، مروہ بھی دیکھا، تیرے کرم کا جلوہ بھی دیکھا

دیکھا رواں اِک سروں کا سمندر، اللہ اَکْبَر! اللہ اَکْبَر!

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان! ڪعبي شريف جون ڪهڙيون عظيم برڪتون آهن، تُبَّع حِمۡيَري ڪعبي شريف جي بي ادبي جو صرف ارادو ئي ڪيو