Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

جڏهن اسان بارش ۾ طواف ڪري چڪاسين ته.......

   حضرت ابو عِقال رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري مان بارش جي دوران حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه سان گڏ بيتُ الله شريف جو طواف ڪيو. جڏهن اسان طواف مڪمل ڪرڻ کان بعد مقامِ ابراهيم تي حاضر ٿياسين ۽ 2 رڪعتون ادا ڪيون ته حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه اسان کي فرمايو ته ورائي عمل شروع ڪيو ڇو جو توهان جي مغفرت ٿي چڪي آهي پوءِ فرمايائون ته جڏهن اسان نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ بارش جي دوران طواف ڪيو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي انهيءَ طرح فرمايو هو. )ابنِ ماجہ ،کتاب المناسک ،باب الطواف فی مطر ،صفحہ:508 ،حدیث:3118(

  سبۡحان الله!  پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن ڪعبي شريف جا بُلند شان...!! ڪعبو شريف برڪت وارو مقام آهي ان جي برڪت سان شفا ملندي آهي ڪعبي شريف جي طرف دليون مائل ٿينديون آهن، ڪعبي شريف جي برڪت سان امن ۽ ايمان نصيب ٿيندو آهي ڪعبي شريف جي برڪت سان قيامت جي ڏينهن امن وارن سان گڏ اٿڻ نصيب ٿيندو جيڪو ڪعبي شريف کان پناھ حاصل ڪندو آهي ان کي پناھ ڏني ويندي آهي ڪعبي شريف جو طواف ڪرڻ مُنفرد نيڪي آهي طواف ڪرڻ واري کي هر قدم تي 10 نيڪيون ملنديون آهن، 10 گناھ مٽايا ويندا آهن ۽ 10 درجا بُلند ڪيا ويندا آهن. ڪاش! اسان کي به ڪعبي شريف جي زيارت ڪرڻ، غلافِ ڪعبه سان چنبڙڻ، حطيمِ پاڪ ۾ نمازون پڙهڻ، حجرهءِ اَسود کي چُمڻ ۽ ڪاش! جهومي جهومي ڪري ڪعبي شريف جو طواف ڪرڻ نصيب ٿي وڃي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

حج جي شوقين جو ڪم بڻجي ويو

   پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ڪعبي شريف جي حاضري يعني حج ۽ عُمري