Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
جي لاءِ مال ۽ دولت جي نه بلڪه دل جي تڙپ ۽ ذوق ۽ شوق جي ضرورت آهي. جنهن جي دل ۾ تڙپ هجي، ان جي لاءِ ڪٿان نه ڪٿان اسبابَ بڻجي ئي ويندا آهن. امام جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ عاشقِ رسول هو، ان کي حج تي وڃڻ جو تمام وڏو شوق هيو، 3 سالن تائين لاڳيتو اهو حج جي لاءِ دعائون ڪندو رهيو، روئي روئي ڪري ربَّ جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو رهيو:
بڑا حج پہ آنے کو جی چاہتا ہے بُلاوا اب آئیگا کب یاالٰہی!
مَیں مکّے میں آؤں مدینے میں آؤں بنا کوئی ایسا سَبب یا الٰہی!
(وسائلِ بخشش، صفحہ:107)
لاڳيتو 3 سال دعائون ڪندو رهيو پر ان جي دل جي حسرت پوري نه ٿي، ڇوٿين سال حج جي موسم هئي، دل ۾ حرمين شريفين پهچڻ ۽ ڪعبي شريف جي زيارت جو شوق تمام گهڻو هو، ان تڙپي تڙپي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعائون ڪيون، هن ڀيري ان تي ڪرم ئي ٿي ويو، جيئن ته هڪ رات جڏهن اهو سُتو ته سُتل قسمت جاڳي پئي، اک لڳندي ئي دل جون اکيون کُلي ويون، زندگي سنوارڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ عاشقِ رسول جي دل جي حسرت کي پورو فرمائڻ جي لاءِ خواب ۾ تشريف وٺي آيا.
اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں خوابوں میں آرہے ہیں، بِگڑی بنارہے ہیں
رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُن عاشق کي فرمايو: تون هن سال حج جي لاءِ هليو وڃجانءِ.
پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ مان حج جي اجازت جي خوشخبري ٻڌندي ئي ان عاشقِ رسول جي اک کُلي وئي، بارگاھِ رسالت مان حج جي اجازت ملي چڪي هئي، ان جي دل خوشيءَ مان جهومي رهي هئي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مٺڙو مٺڙو پياريو پياريو آواز ان جي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو، اهو تمام گهڻو خوش هو پر اوچتو ياد آيو ته حج