Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

وضاحت: گنبذِ خضرا جو سائو رنگ ملڻ جي علامت آهي ۽ ڪعبي شريف جو ڪارو رنگ جُدائي جي علامت آهي. هي رنگ دل جي ڳالھ ظاهر ڪري رهيو آهي جيڪو نور واري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مليل آهي (يعني گنبذِ خضراء شريف) اهو خوشيءَ مان سرسبز آهي ۽ جيڪو پري آهي (يعني ڪعبو شريف) اهو جُدائي جي غم ۾ ڪارو لباس پهريل آهي.

   * پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڏي سائين حضرت عبدُ المطلب ڪعبو شريف هڪ ڀيرو سونَ سان سينگاريو هو. (السیرۃ الحلبیۃ ،باب بنیان قریش الکعبۃ شرفھا اللہ تعالیٰ ،جلد:1 ،صفحہ:251) اهڙيءَ طرح وليد بن عبدُ الملڪ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ 36 هزار سونَ جون اشرفيون موڪليون ۽ پنهنجي گورنر کي حڪم ڏنو ته هن رقم مان ڪعبي شريف جي ڀِتِن تي سونَ جو ڪم ڪرايو وڃي، سونَ جو نيسارو بڻايو ويو ۽ ٿنڀن تي به سون چاڙهيو وڃي. (السیرۃ الحلبیۃ ،باب بنیان قریش الکعبۃ شرفھا اللہ تعالیٰ ،جلد:1 ،صفحہ:251) اهڙيءَ طرح امين بن هارون الرشيد پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ڪعبي شريف جي دروازي تي سون جو پٿر چڙهايو، ان ۾ سون جا ڪِلَ هڻايا. (السیرۃ الحلبیۃ ،باب بنیان قریش الکعبۃ شرفھا اللہ تعالیٰ ،جلد:1 ،صفحہ:251)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪعبي شريف جون ڪجھ خصوصيتون

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڪعبو شريف نهايت ئي بابرڪت مقام آهي، ان جون کوڙ ساريون خصوصيتون آهن: الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِذۡ جَعَلۡنَا الۡبَیۡتَ مَثَابَۃً لِّلنَّاسِ وَ اَمۡنًا ؕ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان هن گهر کي ماڻهن جي اچڻ جو مرڪز ۽ امان بڻايو.

(سيپارو: 1، سورة بقرة: 125)