Fazail e Bait ul ALLAH

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

وارو ڪٿي آهي؟ ان شخص کي حاضر ڪيو ويو، امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ڇا پڇي رهيو هُئين؟ عرض ڪيائين: سائين...!! ڪعبي شريف جو طواف ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ طواف ڇو شروع ٿيو؟ طواف ڪيئن ڪيو ويندو هو؟ امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه ان شخص کان پڇيو: ڪٿان جو رهاڪو آهين؟ چيائين: مُلڪِ شام جو آهيان. فرمايائون: مُلڪِ شام ۾ ڪهڙي جڳھ جو؟ عرض ڪيائين: بيتُ المقدس جي ويجهو. امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه وري پڇيو: ڇا تو توريت ۽ انجيل پڙهيو آهي؟ ان عرض ڪيو: جي ها! پڙهيو آهي. هاڻي امام زينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه ان جي سوال جو جواب ڏيندي فرمايائون: اي شامي! منهنجو جواب ياد ڪري وٺو! تون مون کان روايت نه ڪندي پر صرف حق ڳالھ. ڪعبي شريف جو طواف هيئن شروع ٿيو جو جڏهن الله پاڪ ملائڪن کي ٻڌايو ته مان زمين تي پنهنجو خليفو (يعني حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام) کي بڻائڻ وارو آهيان، ان وقت ملائڪن هيئن ظاهر ڪيو ته اسان خلافت جا وڌيڪ حقدار آهيون، ان تي الله پاڪ ارشاد فرمايو:

قَالَ اِنِّیۡۤ اَعۡلَمُ مَا لَا تَعۡلَمُوۡنَ (۳۰)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ مان اهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان  نٿا ڄاڻان.

(سيپارو: 1، سورة بقرة: 30)

   الله پاڪ جو هي ارشاد ٻڌي ڪري ملائڪن کي لڳو ته شايد اسان جي هن ڳالھ جي ڪري الله پاڪ اسان کان ناراض آهي، جيئن ته هاڻي ملائڪن عرشِ الهي جي پناھ ورتي، پنهنجا چهرا مٿي کنيائون، عاجزي ڪئي، رُنا ۽ 7 سالن تائين عرشِ الهي جو طواف ڪندا رهيا، آخر الله پاڪ انهن جي طرف نظرِ رحمت فرمائي ۽ عرش جي هيٺان انهن جي لاءِ 4 ٿنڀن وارو، زَبَرجد جو هڪ گهر بڻايو ۽ ملائڪن کي فرمايو: هن گهر جو طواف ڪيو،  جيئن ته ملائڪ ان گهر جو طواف ڪرڻ لڳا، انهيءَ کي بيتُ المعمور چيو ويندو آهي. پوءِ الله پاڪ ڪجھ ملائڪن کي زمين تي موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته زمين تي به بيتُ