تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

الله پاڪ جي طرف ڊوڙو....!

فَفِرُّوۡۤا  اِلَی اللّٰہِ ؕ  (پارہ27،سورۂ ذاریات:50)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ الله جي طرف ڊوڙو.

يعني اي محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! اوهان فرمائي ڇڏيو ته اي انسانو! الله پاڪ جي طرف ڊوڙو...! حضرت سهل تُسۡتري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان فرمائن ٿا: انسانو! مَاسِوَ ی اللہ (يعني الله پاڪ کان سوا دنيا جي هر شيءِ) کي ڇڏي ڪري الله پاڪ جي طرف ڊوڙو![1]

غلام تي عنايتن جو نرالو سبب

هڪ بادشاهه هو، ان جا کوڙ سارا غلام هئا، سڀ پنهنجي پنهنجي لحاذ سان بادشاهه جي خدمت ۾ ڪا گهٽتائي ٿيڻ نه ڏيندا هئا پر بادشاهه کي پنهنجي هڪ غلام سان تمام گهڻي محبت هئي، ان تي عنايتون به گهڻيون ڪندو هو، اها ڳالهه ٻين غلامن کي بري لڳندي هئي، هڪ ڏينهن انهن سڀئي همت ڪري بادشاهه کي چيو: بادشاهه سلامت! ڪهڙو سبب آهي جو اوهان هن غلام سان وڌيڪ محبت ڪندا آهيو، هن تي عنايتون به گهڻيون ڪندا آهيو؟ بادشاهه سلامت معاملو سمجهي ويا، چوڻ لڳا: اسان هڪ سفر تي هلنداسين سڀئي تياري ڪيو، اسان جلدي سفر تي هلنداسين، تياريون شروع ٿي ويون، بادشاهه وٽ سواري پيش ڪئي وئي، سمورا غلام به گڏ هلڻ لڳا ۽ بادشاهه سلامت سڀني غلامن کي وٺي سفر تي نڪري پيا، هلندي هلندي هڪ هنڌ تي تمام پري برف جو پهاڙ نظر آيو، پورو پهاڙ برف سان ڍڪيل هو، وڏو خوبصورت منظر


 

 



[1] روح البیان، پارہ:27، سورۂ ذاریات، تحت الآیۃ:50، جلد:9، صفحہ:171۔