تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

ڪيون، دعائون گهرون، انهيءَ جي حضور گِڙگڙايون. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب ڪري.

محبت میں اپنی گما یااِلٰہی!                                        نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی!

رہوں مست و بےخود میں تیری وِلا میں                               پِلا جام ایسا پِلا یااِلٰہی!

میں کار باتوں سے بچ کر ہمیشہ                                کروں تیری حمد و ثنا یااِلٰہی! ([1])

ڇا اوهان کي سور نه ٿيو...؟

حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا نهايت نيڪ ۽ پارسا خاتون هيون، هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا ڪٿان گذري رهيون هيون ته ديوار مان هڪ سِر ڪري ۽ کين مٿي ۾ اچي لڳي، رت وهڻ لڳو پر حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا ان جي طرف بلڪل توجهه نه ڪئي، ماڻهن پڇيو: ڇا اوهان کي تڪليف نه ٿي؟ حضرت رابعه بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا جو خوبصورت جواب ٻڌو! فرمايائين: هيءَ سِر پاڻهي ناهي ڪري بلڪ الله پاڪ جي ارادي سان ڪري آهي، منهنجي مٿي ۾ پاڻهي ناهي لڳي بلڪ الله پاڪ جي ارادي سان لڳي آهي، مان ته هن سوچ ۾ آهيان ته منهنجي پياري الله پاڪ جو ارادو مون ڏانهن ٿيو آهي، ان ڪري مون کي هن جي تڪليف جو احساس تائين ناهي ٿيو.[2]

 سُبۡحٰنَ الله! اها ڪهڙي نه عظيم ڳالهه آهي، ڪهڙي نه ڪمال جي سوچ آهي. سِر لڳي آهي، مٿي مان رت وهي رهيو آهي پر حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهَا هن سوچ ۾ گم آهي ته الله پاڪ جو ارادو مون ڏانهن ٿي ويو. ڪنهن پنجابي شاعر ڇا خوب چيو آهي:

جے سوہنا میرے دُکھ وِچْ راضِی                         میں سُکھ نُوں چُلھے پاواں


 

 



[1]...وسائل بخشش،صفحہ:105۔

[2] الکواکب الدریۃ ،طبقہ ثانیہ،حرف راء ،رابعہ عدویہ،جلد:1،صفحہ:270خلاصۃً ۔