Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
هنن آيتن ۾ ظهار جو حڪم ٻڌايو ويو ته جيڪي پنهنجي زال کان ظهار ڪري ويٺا، انهن نهايت غلط ڪيو. هاڻي هن جو حڪم هي آهي ته اهو پنهنجي زال جي ويجهو نٿو وڃي سگهي، ان تي لازم آهي ته ظهار جي ڪفاري ۾ هڪ غلام آزاد ڪري، هي نه ٿو ڪري سگهي ته لاڳيتو 2 مهينن جا روزا رکي، هي به نٿو ڪري سگهي ته 60 مسڪينن کي ٻن وقتن جو پيٽ ڀري کاڌو کارائي.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان اَفروز، سبق آموز قرآني واقعي ۾ غور فرمايو! اسان ٿورو تصور ڪيون، حضرت خوله رَضِیَ اللهُ عَنْها ان وقت ڪيتري درد ۽ تڪليف ۾ هيون، ماءُ پيءُ وفات ڪري چڪا هئا، پنهنجي عمر وڌي چڪي هئي، ٻار ننڍا هئا، هن حالت ۾ مڙس کان جدائي جو معاملو ٿي ويو، ان گهڙي ۾ دل ۾ غم جو سمنڊ هيو، هن ڪيفيت ۾ جڏهن انهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي ته سندن هڪ دردناڪ آھ جي برڪت سان قيامت تائين جي لاءِ مسلمانن تي آساني ڪئي وئي، ظهار جنهن جو حڪم طلاق وارو هيو، ان ۾ تخفيف ڪئي وئي، معلوم ٿيو: هڪ درد ڀري آھ اهو ڪم ڪري ڏيکاريندي آهي جيڪو ڪنهن ٻي ذريعي سان ناهي ٿي سگهندو.
اسان وٽ ڪجھ ماڻهو شڪوا شڪايت ڪندي ناهن ٿڪجندا ته اسان وڏيون دعائون گهريون پر قبول نه ٿيون، اوّل ته هي ياد رکو ته هر دعا قبول ئي قبول ٿي، هي ضروري ناهي ته جيڪو اسان گهريو، اسان کي اهو ئي ملي، ڪڏهن ڪڏهن اسان جي دعا جي برڪت سان اسان تان مصيبت پري ڪئي ويندي آهي، ۽ ڪڏهن اها دعا اسان جي لاءِ آخرت ۾ محفوظ ڪئي ويندي آهي. مطلب ته، هر دعا قبول ٿيندي آهي. پوءِ اسان کي هي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان دعا گهرندا ڇو آهيون؟ اسان جي معاشري ۾ هڪ تعداد انهن ماڻهن جو آهي جن