تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

نماز صدمي کان بي خبر ڪري ڇڏيو

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان به نيڪ ماڻهن وارو پيارو پيارو انداز اپنايون، يقين مڃو! غم ۽ پريشاني جو اصل حل ئي اهو آهي ته انسان ربّ ڪريم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي وڃي. تفسيرِ نعيمي ۾ آهي: حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پٽ جي وفات ٿي، جڏهن کين اها غم واري خبر پئي ته پاڻ نماز ۾ مشغول ٿي ويا ۽ ايتري ڊگهي نماز پڙهي جو جڏهن ماڻهو پٽ کي دفنائي ڪري واپس آيا. تڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه نماز مان فارغ ٿيا، ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: مون کي پنهنجي پٽ سان تمام گهڻي محبت هئي، مان ان جي جدائي جو صدمو برداشت نه پئي ڪري سگهيس، تنهنڪري نماز ۾ مشغول ٿي ڪري ان صدمي کان بي خبر ٿي ويس.[1] 

سُبۡحٰنَ الله! الله پاڪ پنهنجي نيڪ ٻانهن جو صدقو اسان کي به هميشه پنهنجي پاڪ بارگاهه جي طرف متوجهه رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

هرحال ۾ توجهه رب جي طرف رکو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي مشڪل وقت ۾ ته پنهنجي رب ڪريم ڏانهن متوجهه ٿيڻو ئي ٿيڻو آهي، ان سان گڏو گڏ خوشين جي وقت به انهيءَ رحمٰن و رحيم جي طرف توجهه رکڻي آهي بلڪ اها صورت گهڻي اهم آهي ڇو ته عام طور انسان خوشحالي جي وقت ئي رب ڪريم کي گهڻو وساريندا آهن. حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي نصيحت ڪندي فرمايو: اِحْفَظِ اللّٰہَ تَجِدْہُ اَمَامَکَ الله پاڪ جي حقن جي حفاظت


 

 



[1] تفسیر نعیمی ، پارہ:1، سورۂ بقرہ، تحت الآیۃ:45، جلد:1، صفحہ:349۔