Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ نهايت ئي پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”اوقاتِ نماز“ (prayer Times) جاري ڪئي آهي۔ * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به مقام جا اوقات ۽ قبلي جو رُخ معلوم ڪري سگھجي ٿو۔ * ان کان علاوه پنج ئي نمازن جي وقت جو ماهوارانه ٽائم ٽيبل، اذڪار (روحاني علاج)، مدني چينل ريڊيو، نماز جي اوقات ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
”جانورن تي رحم ڪرڻ“سُنَّتِ مصطفيٰ آهي
ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : (1) توهان هنن بي زبان جانورن جي باري ۾ الله پاڪ کان ڊڄو، انهن تي ان وقت سوار ٿيو جڏهن اهي سٺي حالت ۾ هجن