Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
کان قرض ناهي ملندو، ڪنهن سيٺ صاحب تي نظر پوندي آهي، سيٺ صاحب به معذرت ڪري ڇڏيندو آهي، دوست احباب به مطلوبه رقم جو انتظام ناهن ڪري سگهندا، اهڙي وقت ۾ اسان جي لاءِ سڀئي دروازا بند ٿي ويندا آهن، ڪا اميد باقي ناهي بچندي، انسان مايوسي جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي پر ٿورو غور ڪيو! جڏهن سڀئي اميدون ٽٽي پون، ان وقت به هڪ اُميد باقي هوندي آهي، جڏهن سڀئي دروازا بند ٿي وڃن، ان وقت به هڪ دروازو کليل هوندو آهي ۽ اهو دروازو منهنجي ربّ ڪريم جو دروازو آهي، بادشاهن جا دروازا بند ٿي ويندا آهن، منهنجي ربّ ڪريم جو دروازو ڪڏهن بند ناهي ٿيندو، ماڻهو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن، دوست احباب منهن ڦيري ڇڏيندا آهن، ڀاءُ ڀاءُ کان پري ڀڄندو آهي پر منهنجو پيارو الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي مايوس ناهي ڪندو. ان جي دروازي تي نيڪوڪار اچي، ان کي نوازيندو آهي، گنهگار اچي، ان جي جهولي ڀري ڇڏيندو آهي.
جو ہیبت سے رُکے مجرم تو رحمت نے کہا بڑھ کر چلے آؤ! چلے آؤ! یہ گھر رحمٰن کاگھر ہے([1])
هڪ امير شخص هيو، پنهنجي گاڏي، پنهنجو بنگلو، سٺو ڪاروبار ۽ الله پاڪ جو ڏنل سڀ ڪجھ هيو، هڪ ڏينهن اهو شام جو گهر آيو، ٻارن سان ڪجھ وقت گذاريو، شام جي ماني کاڌي، پنهنجا ضروري ڪم پورا ڪيا، رات ٿي وئي، سمهڻ جو وقت ٿيو ته نرم ۽ ملائم بستر تي ليٽي پيو پر حيرت جي ڳالھ اها هئي جو اڄ نرم نرم بستر تي کيس ننڊ نه پئي آئي.
ننڊ به الله پاڪ جي نعمت آهي، جنهن کي هُو عطا ڪري، ان کي ئي نصيب ٿيندي آهي. اهو امير شخص دير تائين پاسا مٽائيندو رهيو پر پوءِ به ننڊ اچڻ جو