تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

چاچو يا ڪو ٻيو رشتيدار انتقال ڪندو آهي ته گهر ۾ ڪهرام مچيل هوندو آهي، اکين ۾ ڳوڙها هوندا آهن، ڪڏهن مسجد ۾ وڃي امام صاحب کان دعائون ورتيون وينديون آهن، ڪڏهن ته گهر ئي ۾ قرآن خواني جو سلسلو هوندو آهي پر ڪجهه ئي مهينن کان بعد جڏهن انهيءَ گهر ۾ ڪا شادي جي تقريب اچي وڃي ته ڏسي ايئن لڳندو ئي ناهي ته ڪجهه مهينا هن گهر ۾ ڪهرام متل هو، خوب شهنائيون وڄنديون آهن، دهل وڄندا آهن، ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون سجنديون آهن، شور شرابو ڪري، هل هنگامو ڪري پوري محلي جي ننڊ خراب ڪئي ويندي آهي. يقينًا ٽن ڏينهن کان وڌيڪ غم ڪرڻ شرعي طور جائز ناهي پر خوشي جي وقت گناهن جو بازار گرم ڪرڻ کان به شريعت منع ڪيو آهي. اسان ڇو خوشين ۾ رب پاڪ کي وساري ويهندا آهيون؟ مڱڻي ۽ شادي جي موقعي تي، عيد ۽ خوشين وارن ڏينهن تي، ٻارن جي سالگره جي وقت اسان کي شريعت جي تعليمات ڇو ياد نٿي رهي...؟

ڪافرن جي هڪ بري عادت

الله پاڪ قرآن ڪريم فرمائي ٿو:

وَ اِذَا مَسَّ الۡاِنۡسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنۡۢبِہٖۤ اَوۡ قَاعِدًا اَوۡ قَآئِمًا ۚ   فَلَمَّا کَشَفۡنَا عَنۡہُ ضُرَّہٗ  مَرَّ کَاَنۡ  لَّمۡ  یَدۡعُنَاۤ  اِلٰی ضُرٍّ مَّسَّہٗ ؕ

(پارہ11،سورۂ یونس:12)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جڏهن انسان کي تڪليف پهچندي آهي ته سمهندي ويهندي ۽ بيهندي (هر حالت ۾) اسان کان دعا ڪندو آهي پوءِ جڏهن اسان ان جي تڪليف دور ڪري ڇڏيندا آهيون پوءِ ائين هليو ويندو آهي ڄڻ ڪڏهن ڪنهن تڪليف جي پهچڻ تي اسان کي پڪاريو ئي نه هو.