تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

سوره مجادله جو شان نزول

هڪ فقهي مسئلو آهي، جنهن کي ظِهَارُ چئبو آهي، علمِ فقھ جي ڪتابن ۾ ظهار جو پورو باب (Chapter) ڏنل آهي. جيڪي شادي شده آهن، انهن کي هي مسئلا ضرور سکڻ گهرجن، ظهار جو سادو مطلب هي آهي ته پنهنجي زال کي پنهنجي ماءُ يا ڀيڻ جي مثل چوڻ مثلاً مڙس پنهنجي گهر واري کي چيو: تون منهنجي لاءِ منهنجي ماءُ وانگر آهين. هي ظِهار هوندو آهي، اسلام جي ابتدائي دور ۾ ظهار جو حڪم به طلاق جهڙو هيو يعني جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي گهر واري کي پنهنجي ماءُ يا ڀيڻ وغيره جي مثل چئي ڇڏي ته ان جي زال ان تي حرام ٿي ويندي هئي.

هڪ صحابيه آهي: حضرت خوله بنت ثعلبه رَضِیَ اللهُ عَنْها هڪ ڀيري سندس مڙس کيس چيو: تون مون تي منهنجي ماءُ جي مثل آهين. چئي ته ڇڏيائين بعد ۾ شرمسار ٿيا ته هي مون ڇا چئي ڇڏيو، هاڻي پريشان ٿي ويا ته ايئن ته نڪاح ٽٽي ويندو


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔