تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

ماڊرن نوجوان جي توبه

منڊي بهاؤ الدين (صوبه پنجاب، پاڪستان) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان پهريان مان فيشن جي هلاڪت ڪندڙ وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هئس۔ هر وقت دل و دماغ تي فيشن جو ڀوت سوار رهندو هو ۽ نيڪين کان پري دُنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي زندگي برباد ڪري رهيو هئس۔ هڪ ڀيري هڪ مبلغ، دعوتِ اسلامي تحت ٿيندڙ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپور ترغيب ڏياري، پوءِ الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي سعادت ملي، اجتماعي اعتڪاف جو پُرڪيف ماحول، پُرسوز بيان، سحرو افطار جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا، وڌيڪ ڪرم اهو جو اميرِاهلسنّت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي علمي ۽ روحاني ’’مدني مذاڪرن‘‘ ۽ رقت انگيز دعائن دل مان گناهن جو مير صاف ڪري ڇڏيو۔ منهنجي گناهن سان ڀريل انڌيري زندگي ۾ عشقِ مصطفيٰ جي روشني ڦهلجي وئي۔ مون پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ امير اهلسنّت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه سان بيعت جو شرف حاصل ڪيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ڏاڙھي شريف سان چهرو سجائي ورتو، مٿي تي عمامي جو تاج سجايو ۽ سنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ورتو۔

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی   

صدقہ تجھے اے ربِّ غَفَّار! مدینے کا

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

اوقاتِ نماز(prayer Times) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي،