Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
ڪر! تون ان کي پنهنجي ويجهو لهندين. تَعَرَّفْ اِلَی اللّٰہِ فِی الرَّخَاءِ یَعْرِفْکَ فِی الشِّدَّۃِ خوشحالي ۾ الله پاڪ کي ياد رک! هو تنگدستي ۾ تو تي خاص توجهه فرمائيندو.[1]
حضرت ملّا علي قاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني جنهن شيءِ جو الله پاڪ حڪم ڏنو آهي، ان تي عمل ڪر، جنهن شيءِ کان الله پاڪ منع فرمايو آهي، ان کان پري رهه، ان جي برڪت اها ٿيندي ته الله پاڪ دنيا ۾ مصيبتن ۽ پريشانين کان ۽ آخرت ۾ عذابن کان تنهنجي حفاظت فرمائيندو. معلوم ٿيو جيڪو شخص الله پاڪ جو ٿي وڃي، الله پاڪ ان جو ٿي ويندو آهي.[2]
اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! اسان جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ تعليم ڇا آهي: خوشحالي ۾ رب کي ياد رکو! الله پاڪ مشڪل وقت ۾ توهان تي توجهه فرمائيندو.
افسوس! اسان ۾ ڪيترن ئي جو حال ان جي بلڪل ابتڙ آهي، ماڻهن جي هڪ تعداد آهي جيڪي مشڪل ۽ پريشاني جي وقت رب کي ياد ڪندا آهن، بيماري اچي وڃي، تنگدستي اچي وڃي، ڪاروبار بند ٿي وڃي، اميدون ٽٽي وڃن ته الله پاڪ جي حضور جهڪندا آهيون، نمازون به پڙهڻ لڳندا آهيون، ذڪر، دعا، صدقو ۽ خيرات، مسجدن جي حاضري، اوراد و وظائف سڀ ڪجهه ڪندا آهيون، يقينًا اها تمام سٺي ڳالهه آهي پر تشويشناڪ معاملو اهو آهي ته انهن ماڻهن کي جڏهن خوشيون ملنديون آهن، مشڪلاتون دور ٿينديون آهن، خوشحالي ايندي آهي ته گناهن ڀري زندگي ۾ موٽي ويندا آهن، وڏي عام مثال آهي، جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ موت جو سلسلو ٿيندو آهي، ڪنهن جي ماءُ يا پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ،