Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
اڄ منهنجي ضرورت پوري ٿي وئي، ٻيهر جڏهن ضرورت پوندي ته وري انهيءَ دروازي تي اچي ويندس.
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسن
بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا([1])
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اسان جا سبب محدود آهن، اسان جون اميدون ختم ٿي وينديون، بظاهر دروازا بند ٿي ويندا آهن، مشڪل، پريشاني ايندي آهي ته دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، طاقت، قوت، رابطا ڪجھ ڪم ناهن ايندا، اهڙي وقت ۾ صرف هڪ ئي سهارو هوندو آهي ۽ اهو ڪهڙو آهي؟ منهنجي پياري الله پاڪ جي پاڪ بارگاھ، ان دروازي کان ڪو مايوس ناهي ويندو، اتي جهوليون ڀرجنديون آهن، هتي خيرات ملندي آهي ۽ اهڙي انداز سان ملندي آهي، اهڙي جڳھ تان ملندي آهي جو جتان ٻانهي جو وهم ۽ گمان به ناهي هوندو.
مڪتبة المدينه جو نهايت پيارو ڪتاب آهي: عيون الحڪايات، هن ۾ نهايت پيارا ۽ سبق آموز واقعا لکيل آهن، عيون الحڪايات، جلد:1، صفحي 86 تي آهي: حضرت بِڪر بن عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اڳوڻي زماني ۾ هڪ بادشاھ هو، جيڪو غيرمسلم به هو ۽ تمام وڏو ظالم به هو، ان دور جا جيڪي ايمان وارا هئا، انهن سان بادشاھ جي جنگ ٿي، بادشاھ کي زبردست شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ايمان وارن کي الله پاڪ ڪاميابي عطا فرمائي، پوءِ ان بادشاھ کي قيد ڪيو ويو، هاڻي ان بادشاھ جي بابت صلاح مشورو ٿيو ته هي بادشاھ تمام وڏو ظالم آهي، هن ماڻهن تي تمام گهڻا ظلمَ ڪيا آهن ۽ غير مسلم به آهي، هن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. صلاح مشوري کان بعد هي طئي