Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
وضاحت: يعني جيڪڏهن منهنجي الله پاڪ جي مرضي اها ئي آهي ته مون کي دنيا ۾ ڏک پهچي ته مان خوشين کي باهه ۾ وجهان ٿو، مون کي منهنجي رب جي مرضي منظور آهي.
الله پاڪ اسان کي به اهڙي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! ائين ٿي وڃي، خوشيون ملن يا ڏک اچي، مشڪل هجي يا آساني، پريشاني هجي يا خوشحالي، هرحال ۾ اسان الله پاڪ ڏانهن ئي متوجهه رهون، ڪاش! الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهڻ جي سوچ نصيب ٿي وڃي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ رهڻ به عشق رسول وڌائڻ جو هڪ طريقو آهي، لهٰذا عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ اِن شَآءَ الله الکرِيم! دِل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب ٿيندو، محبتِ اِلٰهي نصيب ٿيندي ۽ دين ۽ دُنيا جون بي شُمار ڀلائيون هٿ اينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني مذاڪرو به آهي۔
شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه هر ڇنڇر جي رات عشاء جي نماز کان بعد مدني چينل تي براهِ راست (لائيو) سُوال جواب جو سلسلو ڪندا آهن، اوهان به مدني چينل تي پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ، ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيو.