تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

هڪ ماحول هوندو هو، مائرون پنهنجي ننڍن ٻارن کي عملي طور ذڪرالله سيکارينديون هيون، ننڍڙو ٻار هلندي هلندي ڪري پوندو هو يا ٿاٻڙجي پوندو هيو ته ماءُ جي واتان بي اختيار نڪرندو هيو: حَسْبِیَ اللہ. ٻار رات جو ننڊ ۾ ڊڄندو هيو ته مائرون سيني سان لڳائي الله پاڪ جو ذڪر ڪنديون هيون. ڪا ڇرڪائيندڙ ڳالھ ٿيندي هئي ته ماڻهن جي واتان نڪرندو هيو: ياالله! خير...! يا انهيءَ طرح جا ٻيا پيارا پيارا جملا زبان تي رهندا هيا پر هاڻي ماڻهو ماڊرن ٿي ويا آهن، هاڻي ته اهڙو ماحول گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هاڻي ته ماڻهو هاءِ هُو ڪندي نظر ايندا آهن يا جيڪي وڌيڪ ماڊرن آهن اهي انگلش ۾ چوندا آهن: Oh Shit۔

هي سڀ جيتوڻيڪ گناھ ناهي پر ڪاش! اهڙن موقعن تي به بي معنٰي لفظ واتان ڪڍڻ جي بجائي اسان الله جو ذڪر ڪيون، اسان جي توجھ صرف ۽ صرف الله پاڪ ئي جي طرف رهي، مشڪل اچي، پريشاني اچي، بيماري اچي، قرض داري اچي، تنگدستي اچي ته اسان جي سڀني کان پهرين توجھ پنهنجي پياري الله ڪريم جي طرف وڃي، اسان کي مشڪل کان نجات ڪير ڏيندو؟ الله پاڪ ڏيندو. بيماري کان شفاء ڪير ڏيندو؟ الله پاڪ ڏيندو، قرض داري کان، تنگدستي کان نجات ڪير ڏيندو؟ الله پاڪ ڏيندو. لهٰذا اسباب تي نه بلڪه اسان مُسببُ الۡاَسۡبَاب (يعني اسباب بڻائڻ واري الله پاڪ) تي ڀروسو ڪيو، الله پاڪ ئي جي طرف توجھ رکڻ جي عادت بڻايو، ڪاش! اسان جي دلين ۾ الله پاڪ جي محبت پخته ٿي وڃي ۽ اسان جي توجھ جو مرڪز الله پاڪ جي پاڪيزه ذات بڻجي وڃي.

بزُرگانِ دين جو پيارو انداز

حضرت ابُوالحَسن سرِّي سَقَطِيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو واقعو آهي، سندن خدمتِ بابرڪت ۾ پاڙيسري عورت اچي عرض ڪيو: اي ابوالحسن! رات منهنجي پٽ کي سپاهي